نوشھروفيروز اسپتال ۾ ھاء ڪورٽ جي حڪم باوجود وينٽيليٽر نه لڳائڻ خلاف مظاھرو - Eye News Network

نوشھروفيروز اسپتال ۾ ھاء ڪورٽ جي حڪم باوجود وينٽيليٽر نه لڳائڻ خلاف مظاھرو

0

نوشهروفيروز(اي اين اين ايس) سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر نه لڳائڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ خلاف اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ احتجاج ۾ شامل ماڻهو اسپتال جا مسئلا حل ڪيو جا نعره هڻي رهيا هئا.

ان موقعي تي سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن يونس راڄپر، الھدنو عمراٹی، ارشاد راجپر ساجد سومرو، گل مورو، یوسف منگی، ایاز لطیف راجپر ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ ايندڙ ڪيترائي مريض وينٽيليٽر نه هجڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي چڪا آھن پر هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود وينٽيليٽر انسٽال نه پيا ڪيا وڃن۔

About Author

Leave A Reply