پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جي تدفين ڇنڇر تي ٿيندي - Eye News Network

پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جي تدفين ڇنڇر تي ٿيندي

0

ڄامشورو(اي اين اين ايس) سنڌ جو ناليوارو تعليمي ماهر، محقق ۽ ڏاهو پروفيسر قلندر شاهه لڪياري 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو پروفيسر قلندر شاهه لڪياري گُردن، ساهه جي تڪليف ۽ ڪورونا جي موذي مرض سبب ڪيتري عرصي کان علاج هيٺ هو، جنهن ڪالھ صبح جو ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ قائم ڪيل آئسوليشن وارڊ دم ڌڻي حوالي ڪيو، پروفيسر قلندر شاهه جو مڙهه ڪالهه شام جو ئي ڄامشورو ۾ ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ سندس رهائشگاهه تي آندو ويو آهي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جو پروفيسر به رهيو، جنهن نه رڳو تعليم پر علمي، ادبي، سماجي شخصيت طور به سڃاڻپ رکندو هو، پاڻ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد وجهندڙ، چيئرمين ۽ ڄامشورو ۾ پريس ڪلب جو سرپرست پڻ هو، ڄامشورو پريس ڪلب ۽ ڄامشورو شهر جي ترقي لاءِ سندس خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جي لاڏاڻي جي اطلاع تي سندس عزيز، دوست، شاگرد ۽ صحافي وڏي انگ ۾ سندس رهائشگاهه تي ڄامشورو ۾ پهچي ويا، سندس پونيئرن ۾ 5 پٽ ۽ ٻه نياڻيون سوڳوار ڇڏيا آهن، جڏهن ته سندس گهر واري 4 ورهيه اڳ 4 ڊسمبر 2016ع تي لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
رابطو ڪرڻ تي پروفيسر ڊاڪٽر قلندر شاهه لڪياري جي فرزند ايڊووڪيٽ سيد سردار شاهه ٻڌايو ته بابا جو مڙهه ڪراچي کان ڄامشورو ۾ المنظر ويجهو قائم ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ سندس رهائشگاهه تي آندو ويو آهي، جتي تڏو وڇايو ويو آهي جڏهن ته ڇنڇر ڏينهن صبح جو 10 وڳي ڄامشورو ۾ سندس رهائش گاهه ڀرسان جنازي نماز ادا ڪئي ويندي ۽ تدفين پڻ گهر ڀرسان موجود قبرستان ۾ ڪئي ويندي۔

About Author

Leave A Reply