لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن نوشھروفيروز جا عھديدار چونڊيا ويا - Eye News Network

لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن نوشھروفيروز جا عھديدار چونڊيا ويا

0

نوشھروفيروز(اي اين اين ايس) آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن ضلع نوشھروفيروز جو اجلاس مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ڪشن راجا ۽ چيف آرگنائيزر ڊويزن شھيد بينظير آباد شڪيل احمد وسطڙو جي پبلڪ پارڪ ۾ ٿي گذري۔
اجلاس ۾ ضلعي جي باڊي ٽوڙي نوان عهديدار چيئرمين محمد علي لاکو، وائيس چيئرمين جمع خان راٺوڙ، صدر مولا بخش شيخ، سينئر نائب صدر اياز چنا، نائب صدر محمد ياسين لاشاري، جنرل سيڪريٽري نويد احمد تڳر، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جاويد پرنس، جوائنٽ سيڪريٽري راجا عبدالڪريم ڪيريو، آفيس سيڪريٽري عمران راڄپر، پريس سيڪريٽري منظور علي ملڪ، خزانچي خليل احمد سولنگي چونڊيا ويا۔
ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جا ميمبر پڻ چونڊيا ويا۔

About Author

Leave A Reply