مٺياڻي ويجھو چورن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل - Eye News Network

مٺياڻي ويجھو چورن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل

0

نوشھرو فيروز(رپورٽ:منظور ملڪ/ اي این این ایس) مٺياڻي ويجھو ڳوٺ حاجي عمر انڙ ۾ نامعلوم چورن جي فائرنگ ۾ عرفان ولد خان محمد انڙ سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي اسپتال آندو ويو، مٿي م ڇرا لڳل ھجڻ ڪري نازڪ حالت سبب وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ منتقل ڪيو ويو جيڪو زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو
ان موقعي تي سندس ڀاءُ راھب انڙ ء مامي رانجھن انڙ ٻڌايو تہ نوجوان عرفان انڙ ٽريڪٽر ھلائيندو آھي اڄ مائٽن جي شادي کان واپس گھر پھتو هو
ھوڏانھن مٺياڻي پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري جاء تي پھچي ضروري ڪاروائي بعد لاش تحويل ۾ وٺي مٺياڻي اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي

About Author

Leave A Reply