صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۽ صحافين جون چوري ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون واپس نه ڪرائڻ خلاف احتجاج - Eye News Network

صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۽ صحافين جون چوري ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون واپس نه ڪرائڻ خلاف احتجاج

0

نوشهروفيروز(اي این این ایس) محرابپور جي صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جو ماسٽر مائينڊ مشتاق سهتو، صحافي قاسم اسراڻ کان ڦر ڪيل رقم ۽ صحافين جون چوري ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون واپس نه ڪرائڻ خلاف صحافين پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر محمد يونس راڄپر، مظهر خاصخيلي، زاھد راجپريوسف منگي، غلام مرتضيٰ تڳر، سهيل احمد راڄپر، ميهر علي بهڻ، محبوب ڪلهوڙو، خادم مری خادم سیال ۽ ٻين چيو ته نوشهروفيروز ضلع صحافين لاءِ تمام ڏکيو ضلعو بڻجي ويو آهي جتي صحافين ۽ سندس مٽن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، صحافين کان ڦر ۽ موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪرڻ جا واقعا وڌي ويا آهن پر پوليس صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته صحافي عزيز ميمڻ جو ماسٽر مائينڊ کی گرفتار ڪری نوشهرو فيروز جي صحافي قاسم اسراڻ کان ڦر ٿيل رقم واپس نه ٿي ڪرائي وڃي، جڏهن ته صحافين سهيل راڄپر، هالني جي صحافي ظفر اعواڻ جون چوري ٿيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته پوليس جي اهڙي لاپرواهي سبب ضلع بدامني جي ور چڙهي ويو آهي

About Author

Leave A Reply