سڀني کي حدن ۾ رھندي عوامي ڀلي لاء موثر ڪردار ادا ڪرڻ کپي: سيشن جج محبوب عالي جواهري - Eye News Network

سڀني کي حدن ۾ رھندي عوامي ڀلي لاء موثر ڪردار ادا ڪرڻ کپي: سيشن جج محبوب عالي جواهري

0

سڀني کي حدن ۾ رھندي عوامي ڀلي لاء موثر ڪردار ادا ڪرڻ کپي: سيشن جج محبوب عالي جواهري
نوشھرو فيروز: ھر کاتي کي پنھنجي پنھنجي حدن ۾ رھي عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ کپي. عدليہ سڌا اختيار نہ ھجڻ باوجود عوامي مفاد ۾ قدم کڻي مختلف جاتن جي ڪارڪردگي بھتر بڻائي آھي. اھڙن خيالن جو اظھار سيشن جج نوشھرو فيروز محبوب عالي جواهري ضلع بار جي سالياني انسپيڪشن دوران مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ھو جو چوڻ ھو تہ قانون جي حڪمراني قائم ٿيڻ کپي ۽ جنھن اداري کي جيڪو ڪم مليل آھي، اھو ان تي موثر عمل ڪرائي تہ گھڻا مسئلا حل ٿي ويندا. محبوب عالي جواهري وڌيڪ چيو تہ پوليس جي جاچ جديد ۽ موثر ھوندي تہ بھتر نتيجا ملي سگھندا ۽ وڪيلن کي بہ قانون موجب ھلڻو پوندو. ان موقعي تي ميمبر سنڌ بار ڪائونسل عبدالستار جي لھراڻي، شڪيل احمد جوکيو، ديوان ڌنراج، مشتاق حسين بڙدي، عبدالقادر خانزادہ، ابرار حسين چانڊيو، جسٽس آف پيس لالا محمد حسن پٺاڻ، عبدالوحيد ملڪ، امر امتياز ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن تہ اسٽيج سيڪريٽري شوڪت علي ھيو

About Author

Leave A Reply