محرم دوران نوشھرو فيروز ۾ مذھبي ٻڌي، صبر ۽ جلوسن جي حفاظت کي يقيني بنايو وڃي، محمد تاشفين عالم - Eye News Network

محرم دوران نوشھرو فيروز ۾ مذھبي ٻڌي، صبر ۽ جلوسن جي حفاظت کي يقيني بنايو وڃي، محمد تاشفين عالم

0

 نوشھرو فيروز (اي اين اين) ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز محمد تاشفين عالم جي صدارت ھيٺ محرم الحرام دوران ضلعي ۾ امن و امان ۽ مذھبي ھم آھنگي قائم رکڻ ۽ ٻين انتظامن بابت ھڪ اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪاميٽي ھال ۾ ٿيو.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ حضرت امام حسين عليہ السلام جي شھادت مان اسان کي صبر جو سبق ملي ٿو ان لاءِ اسان سڀني کي محرم جي عشري دوران صبر جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي. ھن چيو تہ محرم جي عشري دوران سڀني فقھن جا عالم سڳورا ۽ عوام پنھنجي پنھنجي طريقي سان عبادت ڪندا آھن پر ڪنھن کي بہ ڪنھن قسم جي شرانگيزي ڪرڻ جي اجازت ھرگز نہ ڏني ويندي. محرم دوران مجلسن ۽ ماتمي جلوسن کي پنھنجي روٽ ۽ وقت جي پابندي ڪرڻ کپي، ۽ ڪنھن کي بہ نئون روٽ جاري نہ ڪيو ويندو.
گھرو کاتي پاران جاري ڪيل ضابطي اخلاق تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل کاتي جي آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ شھرن ۾ مجلسن ۽ جلوسن جي روٽ تي صفائي سٿرائي، روشني ۽ بارش جي پاڻي جي نيڪاسي لاءِ انتظام ڪيا وڃن. ھن سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي تہ پاڻ وڃي جلوسن جي روٽ جو معائنو ڪن ۽ انتظامن کي مڪمل ڪرائين. ھن سيپڪو جي آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ محرم جي عشري دوران اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ نہ ڪن ۽ ڪوشش ڪن تہ ھن عشري دوران بجلي جي بنا لوڊ شيڊنگ جي فراھمي کي يقيني بنائين. ھن صحت کاتي جي آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ مجلسن ۽ ماتمي جلوسن لاءِ طبي سھولتن جي فراھمي لاءِ ايمبولينس، پيراميڊيڪل عملو ۽ گھربل دوائن جو بندوبست ڪيو وڃي. محمد تاشفين عالم پوليس کاتي جي آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ ماتمي جلوسن کي فل پروف سيڪورٽي فراھم ڪئي وڃي. نوشھروفيروز ضلعو پرامن ضلعو آھي گزريل سالن وانگر ھن سال پڻ امن و امان سان محرم الحرام جا ڏينھن گذري ويندا اسان سڀني کي گڏجي ضلعي جي ماحول کي پرامن بنائڻو آھي.
ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڪلھوڙو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد عمار حسين کان سواءِ پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا آفيسر پڻ موجود ھئا. ان موقعي تي مختلف فقھن جي عالمن سيد نويد علي شاھ، سيد زاھد شاھ، مولانا عبدالرحمان ڏنگراچ، مفتي حماد الله شاھ ۽ ٻين پنھنجن علائقن جي مسئلن بابت اجلاس کي آگاھ ڪيو ۽ پنھنجين تجويزن ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.

About Author

Leave A Reply