نوشھروفيروز: ”جنين جيءُ جياريو“ جي مهورتي تقريب - Eye News Network

نوشھروفيروز: ”جنين جيءُ جياريو“ جي مهورتي تقريب

0

نوشھروفیرو (ای این این)

نوشھروفيروز جي نامور ادیب  اعجاز ممنائي جي چوٿين ڪتاب ”جنين جيءُ جياريو“ حصو ٻيو جي مهورتي تقريب شارجه ريسٽورنٽ ۾ العمل فائونڊيشن نوشھرو فيروز پاران منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اديبن شاعرن سماجي ۽ علمي دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ مهورتي تقريب جي صدارت رئيس شبير احمد راڄپر ڪئي جڏهن ته مهمان خاص سول اسپتال جو سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو هو، جڏهن ته اعزازي مهمان استاد سيد مختيار علي شاهه، اصغر ڀريائي، اظهار مخدوم، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالستار جی لهراڻي، ساهتي جرنلسٽس جي محمد يونس راڄپر، بزم روح رهاڻ جي استاد اقبال ميمڻ، ماهم پبليڪيشن جی اڳواڻ غضنفر سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ۾ چيو ته اعجاز ممنائي جي همت ۽ جستجو کي سلام پيش ڪريون ٿا جو هن مهانگائيء واري دور ۾ ادب ۾ هڪ ڪتاب جو اضافو ڪري آھي سندس ان دلچسپيء مان يقينن قوم جي سجاڳي، معاشري جي اصلاح ۽ وطن سان وفاداري ۽ محبت جو حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش جو سلسلو جاري رکيو آھي۔
ڪتاب جي خالق اعجاز ممنائي خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ نيڪ نيتيء سان ڪم ڪندڙ شخصيتون ڪڏهن به لڪي نه سگهنديون آھن ڇو ته سماج جيئن جيئن اڳتي وڌندو آھي تيئن ان جون گهرجون ۽ ضرورتون به وڌنديون آھن اڄ به دنيا اندر املهه انسان موجود آھن جيڪي انسان ذات جي ڀلي لاء ڪم ڪري رهيا آھن۔
تقريب ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ سان گڏ گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا۔ مهورتي تقريب انفارميشن آفيسر عبدالطيف سولنگي، فاروق احمد وسطڙو۔ ڊاڪٽر خادم حسين ميمڻ۔ سيد امتياز شاه بخاري دوست علي ونگاڻي۔سيد زاهد شاهه، ارباب ملاح۔ اسد وسطڙو۔ عبدالڪريم تڳر ۽ ٻين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ جڏهن ته نوجوان شاعر گل بقا عمراڻي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا۔ نامياري شاعر سيد جعفر علي شاه ترنم ۾ شاعري ڳائي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔

About Author

Leave A Reply