شھيد شھناز انصاري قتل ڪيس جي سڀني جوابدارن کي سزا حق ۽ سچ جي فتح هوندي، ڊاڪٽر فاطمه شهناز - Eye News Network

شھيد شھناز انصاري قتل ڪيس جي سڀني جوابدارن کي سزا حق ۽ سچ جي فتح هوندي، ڊاڪٽر فاطمه شهناز

0

نوشهروفيروز(ای این این) شھيد شھناز انصاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي، ڪيس جي فريادي علي راڄپر جو بيان قلمبند، ڪيس جي ٻڌڻي 3 ڪلاڪ جاري رهي جنهن بعد ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي. جڏهن ته شاھد ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيا ويا آهن
سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ پاران ڪيس کي تڪڙو اڪلائڻ جو حڪم جاري ڪيو ویو ھو۔
ان سلسلي ۾ شهيد شهناز انصاري جي ڌيءُ ڊاڪٽر فاطمه شهناز انصاري عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت مان انصاف جي اميد آھي امان کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو،
ڪيس تڪڙو ھلائي انصاف ڏياريو وڃي۔ ڪيس هلڻ اسان جي ڪاميابي آهي سڀني جوابدارن کي سزا ملندي جيڪا حق ۽ سچ جي فتح هوندي۔

About Author

Leave A Reply