فرسٽ ايڊيشنل سیشن جج جو سول اسپتال نوشھروفيروز جو دورو، انتظامن مان مطمئن - Eye News Network

فرسٽ ايڊيشنل سیشن جج جو سول اسپتال نوشھروفيروز جو دورو، انتظامن مان مطمئن

0

 نوشھرو فيروز (ای این این) فرسٽ ايڊيشنل سیشن جج عبدالوحيد شيخ جو سول اسپتال نوشھروفيروز جو دورو، هرهڪ آفيس ۾ ڊاڪٽرن ۽ ملازمن جي حاضري چيڪ ڪرڻ سان گڏ صفائي سٿرائي ۽ مريضن کي ملندڙ سهولتن بابت پڇاڻو ڪيو، جڏهن ته ايڪسري ڊپارٽمينٽ، اکين جو شعبو، ٻارن جو وارڊ، انڊور وارڊ، ڊينٽل ڊپارٽمينٽ، هيپاٽائٽس يونٽ، الٽراسائونڊ سيڪشن، اسڪن OPD، ڊائلاسز سينٽر،آپريشن ٿيٽر،OPD سيڪشن، CCU، ايمرجنسي ۽ ليبارٽري جو تفصيلي دورو ڪيو۔

فرسٽ ايڊيشنل سیشن جج ليبارٽري ۾ تازو تيار ڪرايل CBC مشين جو افتتاح ڪندي چيو ته سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو بهترين ڪم ڪري رهيو آھي۔
ان موقعي تي سول سرجن پاران بريفنگ ڏيندي کيس اسپتال جي مسئلن ۽ رڪاوٽن کان آگاهي ڏني ويئي۔
وزٽ دوران سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو DMS ڊاڪٽر امين احمد جلباڻي، پوليس سرجن ڊاڪٽر مشتاق مهيسر، ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر شاهد مصطفيٰ ميمڻ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا۔

About Author

Leave A Reply