صحافي مظفر عباسي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو - Eye News Network

صحافي مظفر عباسي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

0

نوشھروفیرو (ای این این)

نوشھروفيروز اسڪارپ کاتي جی رٽائرڊ يونين اڳواڻ اقبال لاڙڪ طرفان سينئر صحافي مظفر عباسي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ توڙي حراسان ڪرڻ خلاف ڀرياسٽي جي صحافين ء سول سوسائٽي اڳواڻن صحافي آفتاب ڪيريو، نديم منگي، پرويز ڪلھوڙو يوسف سومرو، نثار لھراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھا۽ اسڪول کان ڀرياسٽي پريس ڪلب تائين  احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو۔

ان سلسلي ۾ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ صحافي مظفر عباسي پاران اسڪارپ کاتي جي ڪرپشن خلاف خبرون ھلائڻ تان مڇرجي اسڪارپ کاتي جي رٽائرڊ يونين اڳواڻ اقبال لاڙڪ طرفان کيس حراسان ڪري ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي۔ ھنن چيو تـ رٽائرڊ يونين اڳواڻ اقبال لاڙڪ ڪرپشن جو بي تاج بادشاھ بڻيل رھیو آھي، ضلعي جي مختلف ھنڌن تي ٿيندڙ ڪمن ۾ لکين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي جنھن لا۽ نيب توڙي ٻين ادارن کي پڻ لکيو ويندو۔ ھنن چيو تـ صحافي مظفر عباسي کي ڪجھ بـ ٿيو تـ ان جو ذميوار رٽائرڊ ڪامورو اقبال لاڙڪ ھوندو ھنن اعلیٰ اختيارين کان مطالبو ڪیو تـ اسڪارپ کاتي جي رٽائرڊ يونين اڳواڻ اقبال لاڙڪ خلاف فوري طور ڪارروائي ڪري صحافي مظفر عباسي کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي۔

About Author

Leave A Reply