عدالتي حڪمن باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ اسپيشل ڪيڊر جا ڊاڪٽر ۽ عملو نه پهتو، احتجاج - Eye News Network

عدالتي حڪمن باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ اسپيشل ڪيڊر جا ڊاڪٽر ۽ عملو نه پهتو، احتجاج

0

 نوشهروفيروز (ای این این) سنڌ هائيڪورٽ سکر ۽ سيشن جج نوشهرو فيروز جي حڪمن باوجود به سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ اسپيشل ڪيڊر جا ڊاڪٽر ۽ عملو اسپتال ۾ نه پهچي سگهيو، ۽ نه ئي وري وينٽيليٽر مشينون انسٽال ٿي سگهيون، جڏهن ته مريض دوائن سميت الٽراسائونڊ، اي سي جي، ايڪسري ، ليبارٽري ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن.
سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي پاران الله واري چونڪ تي احتجاج ڪيو ويو.احتجاج ۾ شامل ماڻهو اسپتال جا مسئلا حل ڪيو جا زوردار نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن يونس راڄپر، خادم سیال، مھر وسطژو، قاري اشرف ڀرٽ، اسد چانڊيو، سائين داد رند، سچل چانڊیو، آصف حسيني، محمد ابراهيم، گدا خاصخيلي ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ ايندڙ ڪيترائي مريض وينٽيليٽر نه هجڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي چڪا آھن پر هاء ڪورٽ ۽ سيشن جج جي عدالت پاران حڪم باوجود وينٽيليٽر انسٽال نه پيا ڪيا وڃن نه ئي مخلتلف شعبن جا اسپيشل ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته صحت کاتي پاران ڊاڪٽرن جي مقرري جو ليٽر پڻ جاري ڪيو ويو آھي پر اهي مقرر ٿيل نوشھرو فيروز اسپتال ۾ جوائن ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه آھن ۽ علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن غريب مريضن کي پڻ دوائيون نه ٿيو ڏنيو وڃن اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ سميت آهي ۽ جيڪي ڊاڪٽر مقرر آھن اهي پڻ ڊيوٽي ڪرڻ جي لاء تيار ڪو نه آھن جڏهن ته دماغ، دل، سرجري، نڪ، گلي، پیثالاجسٹ،الٽرا سائونڊ ای سی جی سميت ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ٿا ڪيا وڃن. اسپتال ۾ مريضن لاءِ دوائون پڻ اڻ لڀ آهن. مريضن جي مانی دوا ۽ پیٽرول جی مد ۾ ڪروڙين روپیا ڪوٽیشن عیوض ڦٻایا وڃن ٿا. غريب بيمار مريضن کي نوابشاه ريفر ڪيو وڃي ٿو۔ فوت ٿي ويندڙ مريضن جا لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس پڻ نه ٿي ڏني وڃي. هنن چيو ته ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاريل ٽراما سينٽر بابت اڃان تائين جاچ نه ٿي آهي. هنن چيو ته اسپتال جو آپريشن ٿيٽر گذريل ستن سالن کان مڪمل طور تي بند آهي سول اسپتال ۾ ليبارٽري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري نه ٿيا ڪيا وڃن.
هنن چيو ته 52 مھینن کان لاڳيتو احتجاج ڪرڻ باوجود به حڪمران سول اسپتال ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهن چوندیل نمائندن جی درن تی ڌرٹا ھنیا پر سنڌ حڪومت اڃا تائين تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته سول اسپتال ۾ وينٽيليٽر انسٽال ڪري اسپتال کي اپ گريڊ ڪري ضلع جو درجو ڏئي سموريون طبي سهولتون فراهم ڪري ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي ٻی صورت ۾ وزیر صحت، سی ایم ھاؤس آڏو ڌرٹاھنیا ويندا۔

About Author

Leave A Reply