صحافي منظور ملڪ جي سالگرھ - Eye News Network

صحافي منظور ملڪ جي سالگرھ

0

مٺياڻي (ای این این) مٺياڻي شھر جي محنتي , بي باڪ ۽ سينيئر صحافي منظور ملڪ جي 51 ھين سالگرھ سندس جنم ڏھاڙي جي ٻئي ڏينھن به شھر جي سڄاڻ ڌرين ۽ ناليواري سماج سڌارڪ لالا حسن پٺاڻ , سڪندر علي پنھور , ایڊووڪيٽ رياض حسين سولنگي ,غلام نبي ڀٽي , عتيق الرحمان قريشي , رانا غلام سرور راجپوت , مولوي بشير احمد سولنگي ,  شوڪت علي ملڪ، چاڪرعلی،

رانا اڪرام الله راجپوت, شھزاد علي ملڪ ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽڻ سان ابتدا ڪئي۔ ان موقعي تي پريس ڪلب مٺياڻي (رجسٽرڊ) جي صدر سڪندر علي پنھور طرفان منظور علي ملڪ کي اجرڪ اوڍائي سندس ھمٿ افزائي ڪئي۔

ان موقعي تي شھر جي صحافين , سياسي ۽ سماجي اڳواڻن منظور ملڪ جي صحافتي سفر کي ساراھيو , ناليواري سماج سڌارڪ ۽ سينئر صحافي لالا حسن پٺاڻ ڳالھائيندي چيو ته منظور ملڪ ھڪ جاکوڙي صحافي آھي ,ھو اسان سان شروع وارن ڏھاڙن کان صحافتي سفر ۾ شامل رھيو آھي , ان موقعي تي دوستن پاران منظور ملڪ کي مبارڪون ڏنيون ويون ۽ سندس ڊگھي ڄمار لاء دعائون پڻ ڪيون ويون .

About Author

Leave A Reply