مٺياڻي ٽائون ڪاميٽي پاران عوامي شڪايتن تي شھر اندر حد دخيلن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان - Eye News Network

مٺياڻي ٽائون ڪاميٽي پاران عوامي شڪايتن تي شھر اندر حد دخيلن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان

0

 نوشھرو فيروز (اي این این)
مٺياڻي ٽائون ڪاميٽي جون عوامي شڪايتن تي شھر اندر حد دخيلن خلاف سخت ڪارروائين جو اعلان۔خبرموجب ٽائون آفيسر مٺياڻي اسدالله سومرو مين روڊ مٺياڻي ۾ قائم گندي پاڻي جي نيڪالي لاء قائم ڪيل مين نالي تي مختلف ماڻھن پاران حد دخليون ڪرڻ، صندل، ريڙھا، ڪيبنن کان علاوه مختلف طريقن سان حد دخلين کي ھٽائڻ لاء پنھنجو عملو ساڻ ڪري شھر جو دورو ڪيو ۽ حد دخليون ڪندڙن کي ھدايتو جاري ڪيون ته ڪيل قبضا پاڻ مرادو ھٽايا وڃن ته جيئڻ مين نالي جي صفائي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ۽ شھر کي خوبصورت بنائي سگھون۔
شھر جي سڄاڻ ڌرين پاران ان ڪم جي واکاڻ ڪئي وئي، ٽائون آفيسر مٺياڻي عوام کي خاطري ڪرائي تـہ ھاڻي ھر وارڊ جي صفائي جو نظام ڏٺو ويندو ۽ صفائي جو خاص خيال رکيو ويندو۔ ان موقعي تي سينئر ڪلارڪ محمد موسئ١ پنھور ۽ منظور ملڪ ساڻس گڏ ھئا۔

About Author

Leave A Reply