مٺياڻيء ۾ گئس ۽ بجلي جي بحاليء لاء شھرين جو روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو, نٽھڻ اس ۾ ٽائر ساڙي احتجاج - Eye News Network

مٺياڻيء ۾ گئس ۽ بجلي جي بحاليء لاء شھرين جو روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو, نٽھڻ اس ۾ ٽائر ساڙي احتجاج

0

مٺياڻي (ای این این) مٺياڻي شھر جي وارڊ نمبر 8 جي محلا مولوي مير محمد چانڊيو جي رهواسين پاران گئس ۽ بجليء جي بحاليء لاء مٺياڻي مورو لنڪ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو ویو۔ ان موقعي تي متاثرين بجلي ۽ گئس جي اختيارين خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ هئڻ ڪري مورو ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بيهجي وئي مظاهري کي خطاب ڪندی اڳواڻن اياز چانڊيو, نصير احمد شاهد علي ۽ ٻين چيو ته بنا جواز گذريل پندرنهن ڏينهن کان گئس ڪاٽي وئي آهي۔ جڏھن ته ڏھن ڏينھن کان بجلي پڻ بند آھي, اهڙي شڪايت اسان گئس جي اختيارين جن ۾ سب ڊويزن مورو جي انجنيئر کي به ڪري چڪا آهيون، ان جي باوجود اسان جي گئس بحال نه ٿي آهي
مظاهرين الزام هڻندي چيو ته مٺياڻيء ۾ مقرر گئس جو عملو بحاليء لاء رشوت طلب ڪري رهيو آهي , رشوت نه ڏيڻ ڪري اسان جي گئس بند ڪئي وئي آهي۔

About Author

Leave A Reply