مورو:خون جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا - Eye News Network

مورو:خون جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا

0

 نوشھروفیرو (اي این این ایس)
مورو ايڊيشنل سیشن جج جي عدالت ۾ خون جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار تي ھڪ لک روپيه ڏنڊ ۽ عمر قيد جي سزا، جوبدار سکر جيل حوالي پيرائتي خبر موجب مورو ايڊيشنل ڪورٽ جي جج مسٽر نديم احمد پٺاڻ جي عدالت ۾ جوابدار اقبال دل تي جميل احمد دل جي خون جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ھڪ لک روپيه ڏنڊ ۽ سخت پورھئي سان عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي۔ سزا ٻڌايل جوابدار پوليس وٽ گرفتار ھو جنھن کي پوليس سکر سينٽرل جيل حوالي ڪري ڇڏيو۔ ياد رھي ته 2018 ۾ مورو ڀرسان ڳوٺ دل چنڊ ۾ جوابدار اقبال دل، جميل احمد دل کي قتل ڪيو ھو۔

About Author

Leave A Reply