مورو پولیس وياجين جي ڌر بڻيل، رھواسین جو احتجاج - Eye News Network

مورو پولیس وياجين جي ڌر بڻيل، رھواسین جو احتجاج

0

نوشهروفيروز(اي این این ایس)

ڳوٺ گھيڙ گجو جي رھواسين پاران وياجين جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ وياجين خلاف نعره ھڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي محمد زڪريا عباسي، سھيل احمد، ضمير احمد عباسي ۽ ٻين چيو ته مورو جي رھواسي وياجين الھ بخش، مبين، مھتاب ۽ شاھزيب ڪلھوڙي وياج جا پئسا ٻيڻا ٽيڻا ڏيڻ باوجود به سندن خلاف رڻ باري ڏنو آهي. ھن چيو ته وياجين سندن ھمراھ پرويز کي مختلف وقتن تي 50 لک روپيا ڏنا جيڪي ھو وياج سميت ھڪ ڪروڙ 20 لکن کان به وڌيڪ رقم وياجين کي ڏئي چڪا آهن جن جا وٽن ثبوت به آھن. پر ان باوجود به وياجي زمين ۽ ٻي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ لاءِ چاھين ٿا جنھن ڪري وياجين مورو پوليس سان ملي ڀڳت ڪري پيرسن محمد خان، پرويز، وزير، ساجد ۽ ذوالفقار عباسي تي ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪرايا آھن جن ۾ ھڪ ڄڻو ساجد جيل ۾ آھي. مورو پوليس جي ايس ايڇ او رفيق ٻوھيو وياجين جي ونگار وهندي پرويز کي ڪورٽ ٻاھران کنڀي وياجين جي حوالي ڪيو ۽ وياجين پرويز تي بي رحماڻو تشدد ڪيو ۽ بعد ۾ وري ايس ايڇ او مورو 15 ھزار رشوت وٺي پرويز کي آزاد ڪيو. ھنن چيو ته وياجين نوشهروفيروز ۾ سندن رھائشي جڳھ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پر نوشهروفيروز پوليس وياجين خلاف رڳو اين سي داخل ڪئي ۽ ايف آئي آر داخل نه ٿي ڪئي وڃي. ھنن چيو ته مورو جو ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او وياجين جي ڌر بڻيل آهن. جيڪي وياجين سان ملي ظلم ڪري رھيا آھن. ھنن چيو ته کين وياجين جي ظلم کان بچايو وڃي ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ وياجين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

About Author

Leave A Reply