ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين مٿان حملن خلاف مٺياڻي ۾ مظاهرو - Eye News Network

ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين مٿان حملن خلاف مٺياڻي ۾ مظاهرو

0

مٺياڻي (اي این این ایس) ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين مٿان پناهگيرن جي حملي خلاف مٺياڻي جي سياسي سماجي تنظيمن طرفان شهر جي سائين جي ايم سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

تفصيل موجب ڪراچي جي بلال ڪالوني ۾ پناهگير افغانين جو جديد هٿيارن سان ڌرتي ڌڻين مٿان ڪيل حملي خلاف فياض شيخ، عرس مشوري، چاڪر خان چانڊيو، رحمان سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج مٺياڻي يوٿ ڪميٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جساف، ستاف ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئی۔ اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ ڌرتي ڌڻين مٿان حملو ناقابل برداشت آهي ڌارين جي لوڌ کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، پناهگيرن کي سنڌ جا ڊوميسائيل ۽ سهولتن ڏيڻ بجائي کين سندن علائقن طرف موڪليو وڃي۔

About Author

Leave A Reply