ڪورونا ويڪسين جو ڪوبه ري ايڪشن ڪونھي، عوام اجائي پروپيگنڊا تي توجه نه ڏئي: ڊاڪٽر منظور علي - Eye News Network

ڪورونا ويڪسين جو ڪوبه ري ايڪشن ڪونھي، عوام اجائي پروپيگنڊا تي توجه نه ڏئي: ڊاڪٽر منظور علي

0

نوشھروفيروز(ای این این ایس) ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ حيدرآباد ڊاڪٽر منظور علي سول اسپتال نوشھرو فيروز ۾ قائم ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر جو دورو ڪری انتظامن جو جائزو وٺي بھتر سھولتون مھيا ڪرڻ جون ھدايتون جاری ڪیون۔ ساڻس ڊي ايڇ او نوشھرو فيروز ڊاڪٽر سڪندر علي ڪلھوڙو، سول سرجن ڊاڪٽر محمد يوسف نول، ڊاڪٽر سعيد احمد، ڊاڪٽر امين احمد جلباڻي پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو ضلعي صدر حاجي اشرف قريشي ۽ ٻيا گڏ ھئا۔ ان موقعي تي ڊائريڪٽر ھيلٿ چيو ته عوام کي سھولتون فراھم ڪرڻ لاء نوشھروفيروز ۾ ڪورونا ويڪسين سينٽر قائم ڪري رھيا آھيون ته جيئن ھن وبائي بيماريءَ کان عوام کي محفوظ ڪري سگهجي۔ اسان پھرئين مرحلي ۾ صحت کاتي جي ملازمن کي ويڪسين ڪري رھيا آھيون جڏھن ته ٻئي مرحلي ۾ عام ماڻھن کي ويڪسين ڪنداسين۔ ھن عوام کي اپيل ڪئي تہ پاڻ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ احتياطي ويڪسين ڪرائينِ ھن چيو ته ان ويڪسين جو ڪوبه ري ايڪشن ڪونھي عوام اجائي پروپيگنڊا تي ڪو توجه نه ڏئي۔

About Author

Leave A Reply