ڊي ايڇ او نوشھروفيروز جي مان ۾ تقريب - Eye News Network

ڊي ايڇ او نوشھروفيروز جي مان ۾ تقريب

0

نوشھرو فيروز(اي این این ایس) پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن ضلع نوشھرو فيروز پاران بنيادي صحت مرڪز مڃٺ ۾ رٽائرڊ ڊي ايڇ او نوشھروفيروز ڊاڪٽر مظهر ڪلھوڙو چارج وٺندڙ ڊي ايڇ او سڪندر علي ڪلهوڙو، ڊي ايم گل رحمٰن عباسي ڊي ايم ڊاڪٽر فدا حسين ميمڻ ۽ آپڪا ضلع نوشھرو فيروز جي صدر سھيل احمد راڄپر جي مان ۾ تقريب ٿي گذري، جنھن ۾ صوبائي صدر خادم حسين مستوئي، شھناز رانجهاڻي، اشرف قريشي، يونس وسڻ، سلطان احمد جوڻيجو، منور ميمڻ ضلعي ڪابينہ تعلقہ ڪابينا ۽ يونٽ جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري سميت ليڊي ھيلٿ ورڪرن ۽ سپروائيزرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ان کانسواءِ ڊاڪٽر لبنيٰ گانگهرو، ڊاڪٽر خالدہ قريشي، ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، ڊاڪٽر وجيه ميمڻ، ڊاڪٽر محمد  ياسين ٻلال، ڊاڪٽر خادم حسين مڱريو اڳوڻو يوسي چيئرمين مقبول احمد سھتو سينٽر انچارج ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ عالماڻي، محمد امين سھتو، محمد آچر ابڙو ۽ صحافين شرڪت ڪئي
ان موقعي تي نئين آيل ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سڪندر ڪلھوڙو خطاب ڪندي چيو تہ ڊاڪٽر مظهر کان مون کوڙ ساريون ڳالھيون سکيون آھن ۽ اڃان سندس رھنمائيءَ جي ضرورت آھي مان ڪوشش ڪندس تہ سندس نقش قدم تي ھلي سمورن ملازمن کي پنھنجا جائز حق ڏيئي سگهان. تقريب جي آخر ۾ ڊاڪٽر مظهر ڪلھوڙو خطاب ڪندي چيو ته مون خلوص دل سان ضلعي جي عوام جي خدمت ڪئي آھي منھنجي خواھش آھي تہ مستقبل ۾ سياست ۾ حصو وٺي ساڳئي نموني خدمت ڪندو رھان
تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض اعجاز ممنائيءَ ادا ڪيا

About Author

Leave A Reply