مٺياڻيءِ کي ڪاليج ڏيو“ نوجوانن جو مظاهرو ۽ ڌرڻو” - Eye News Network

مٺياڻيءِ کي ڪاليج ڏيو“ نوجوانن جو مظاهرو ۽ ڌرڻو”

0

 مٺياڻي (رپورٽ: محسن حسن/ رانا اڪرام/ اي اين اين ايس) يوٿ ڪاميٽي مٺياڻي پاران شهر کي   بوائيز ۽ گرلس ڪاليج جو درجوڏيارڻ لاءِ شهر جي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيوويو، جنهن جي اڳواڻي فياض شيخ، نبي بخش بلوچ، معراج سنڌي، عاقب چانڊيو، ڄام نظر محمد سهتو، رحمان سولنگي، شهباز مستوئي، پرنس مشوري، لالا حسن ايڊوڪيٽ، قاضي قربان حسين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جي ايم سيد چوڪ تي تعليم گهرجي، ڊگري ڪاليج گهرجي،شاگرد دشمن هر دستور، نامنظور، شعور گهرجي جا نعرا هنيا

اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل ڳچ وقت کان هو ڪاليج لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ ان حوالي سان علائقي جي چونڊيل نمائندن کانسواءِ ساڃاه وندن سان رابطا ڪيا ويا آهن ۽ سندن اها تحريڪ جاري رهندي. هنن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته شاگرد ۽ استاد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هجن ته جيئن هتانجا ماڻهو بهتر تعليم حاصل ڪري سگهن

هنن گوسڙو استادن کي اپيل ڪئي ته اهي تعليم طرف ڌيان ڏين نه ته تاريخ کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي. سنڌ کي هن وقت تعليم ۽ شعور جي ضرورت آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ترت ڊگري ڪاليج ڏنو وڃي، هائير سيڪنڊري واري حڪم تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي

ٻئي طرف ڪجهه ماسترن، لوڪل گورنمينٽ ملازمن ۽ نمائندن پاران پڻ بئنڪ اڳيان احتجاج ڪيو ويو

About Author

Leave A Reply