ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ جو سوال؟ لالا حسن - Eye News Network

ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ جو سوال؟ لالا حسن

0

پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 19 پريس جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو، جڏهن ته آرٽيڪل 19 الف هر شهريءَ کي معلومات تائين رسائي جو حق ڏئي ٿو پر انهن شقن ۾ ڪجهه حدبندين جي به ڳالهه ٿيل آهي. جڏهن ته صحافين جي تحفظ لاءِ قانون پاس ڪرائڻ لاءِ 2019 ۽ 2020 ۾ ٻه بل متعارف ڪرايا ويا ۽ ان کان اڳ پي پي ۽ نواز ليگ جي دورن ۾ به بل سامهون آيا هئا، جن تي ميڊيا مالڪن طرفان اعتراض اٿاريا ويا هئا
پاڻ پاڪستان ۾ سال 2020 دوران صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ جو جائزو وٺون ٿا ته عام طور تي سڄي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ صحافين جي تحفظ ۽ ميڊيا جي آزادي جي مجموعي صورتحال ڇا رهي. چوندا آهن ته ڪنهن به سماج ۾ جمهوريت جي واڌ ويجهه لاءِ آزاد صحافت اهم ڪرادار ادا ڪري ٿي ۽ ان لاءِ صحافين جو تحفظ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته آزاد صحافت سماج جو درست عڪس پيش ڪندي آهي ۽ ان معاشري کي بهتر ڪرڻ جو موقعو پڻ ملندو آهي، پر پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي جنهن کي صحافت ۽ صحافين لاءِ خطرناڪ جاءِ طور سڃاتو وڃي ٿو
پاڪستان ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس موجب 2019 ۾ 142 نمبر تي هو، جڏهن ته 2020 ۾ 145 هين نمبر تي رهيو جنهن جو مطلب آهي ته صورتحال ويتر خراب رهي. ملڪ ۾ سينسرشپ، ۽ صحافين تي حملن ۾ واڌارو ٿيو، جڏهن ته سيلف(پاڻمرادو) سينسرشپ جو رجحان پڻ وڌندي محسوس ڪيو ويو. پاڪستان لاءِ “ڊيپ اسٽيٽ” ۽ ايسٽبلشمينٽ جي ڪنٽرول جهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا. پي ٽي آئي جي حڪومت سخت قسم جا ضابطا متعارف ڪرايا، جنهن تحت آن لائين ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش جاري رهي، جڏهن ته انهن ضابطن کي ميڊيا تنظيمن، مالڪن جي ايسوسيئيشن سميت سول سوسائٽي گروهن پاران به رد ڪيو ويو
اشتهارن جي آڙ ۾ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو، هڪ اردو ٻولي جي اخبار پنهنجو فرنٽ پيج اشتهارن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڪابه خبر ان پيج تي نه هئي، ڇو ته اتي ڪو به پروفيشنل ايڊيٽر مقرر ناهي ٿيل. ان اخبار جو مالڪ مير شڪيل الرحمان اٽڪل 6 مهينا نيب ڪيس ۾ بند پڻ رهيو. جڏهن ته پيمرا وسيلي ٽي وي چينلن کي مختلف وقتن تي ”ايڊوائيزز“ جي نالي تي مواد تي ضابطي جو سلسلو سامهون آيو. واضح رهي ته پي ٽي آئي جڏهن اقتدار کان ٻاهر هئي ته اها سوشل ميڊيا جي وڏي حامي هئي ۽ ائين ئي نواز ليگ جڏهن اقتدار ۾ هئي ته اها پريونشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيمس ايڪٽ 2016 جي حمايت ڪندي نه ٿڪبي هئي پر هاڻي اها به ان قانون جي مخالف نظر اچي ٿي. بدقسمتيءَ سان اسانجا سياستدان جڏهن حڪومت ۾ هوندا آهن ته سندن رويا بنهه مختلف هجن ٿا ۽ وري جڏهن مخالف ڌر ۾ هوندا آهن ته انهن جهڙو ميڊيا جي آزاديءَ جو حامي ڳوليو نه لڀندو، اهو ئي سبب آهي ته هتي صحافت سدائين ڪنڊن جي سيج رهي آهي خاص طور تي انهن لاءِ جيڪي سچ لکن ٿا ۽ مخالف سوچ جي حمايت ڪن ٿا ته انهن کي ماريو وڃي ٿو، زخمي ڪرڻ، اغوا، گرفتار يا گم يا رياستي ادارن پاران حراسان ڪيو وڃي ٿو
ملڪ جي گادي واري هنڌ اسلام آباد مان صحافي مطيع الله جان کي نامعلوم ماڻهو کڻي ويا، جڏهن ته لاهور شهر ۾ جنوري ۾ صحافي امتياز عالم جي گهر تي حملو ٿيو ۽ سنڌ جي محرابپور شهر ڀرسان صحافي عزيز ميمڻ کي قتل ڪيو ويو. انهن ذڪر ڪيل واقعن ۾ حيرت انگيز طور پوليس جو ڪردار انتهائي افسوسناڪ رهيو، ايتري قدر جو پوليس انهن ڪيسن ۾ بيوسيءَ جو اظهار ڪيو پر عزيز ميمڻ جي قتل کي طبعي موت قرار ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺي پر بعد ۾ صحافين ۽ ٻين طبقن جي سخت احتجاج کانپوءِ جي آئي ٽي جوڙي وئي ۽ ميڊيڪل بورڊ پاران رپورٽ تي ان کي قتل تسليم ڪيو ويو ۽ ڪجهه جوابدار گرفتار ڪيا ويا پر سڄو سال گذري وڃڻ باوجود پوليس قتل جي مک جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي
وفاقي وزير پاران هڪ شو ۾ لانگ بوٽ ڏيکارڻ تي پيمرا آف دي رڪارڊ تي بين هنيو، جڏهن ته 24 نيوز به ڪجهه وقت لاءِ بند ڪيو ويو. 24 فيبروريءَ تي سوات ۾ حميدالله کي قتل ڪيو ويو، دوداپور سنڌ ۾ 25 مئي تي صحافي ذوالفقار ممدراڻي مارجي ويو، بلوچستان جي شهر تربت ۾ شاهينا شاهين کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو. سيپٽمبر 26 تي پنجاب جي منڊي بهاءُالدين جي ملجوال علائقي ۾ عابد حسين عابدي کي قتل ڪيو ويو. نومبر 18 تي ٺل ۾ نور لنجواني کي ماريو ويو. خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ 7 ڊسمبر تي صحافي قيس جاويد کي هٿياربندن ماري ڇڏيو. انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس مطابق پاڪستان ۾ 1990 کان هن وقت تائين 138 کان وڌيڪ صحافين کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، جڏهن ته پي ايف يو جي موجب اهو انگ ان کان وڌيڪ آهي ڇو ته رڳو بلوچستان ۾ 122 کان وڌيڪ صحافي ماريا ويا آهن
ٻئي طرف مختلف حملن جنهن ۾ پوليس ۽ رياستي ادارا به شامل هئا، ۾ عمر ڪوٽ پريس ڪلب، ماتلي پريس ڪلب، ڦلجي ۽ ٺل پريس ڪلبن تي حملا ڪيا ويا. جڏهن ته صحافي علي عمران ڪراچي، انيس الرحمان لاهور مان گم ڪيا ويا ۽ بعد ۾ کين نامعلوم ماڻهن ڇڏي ڏنو
صحافين خلاف عام ڪيسن سان گڏوگڏ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت به ڪيس داخل ٿيا جنهن ۾ سکر جي ٻن صحافين مٿان داخل اهڙا ڪيس عدالت ڪوڙا قرار ڏنا ۽ کين انهن ڪيسن مان آزاد ڪيو ويو. جڏهن ته صحافين ۽ سندن خاندان کي به نشانو بنايو ويو جنهن ۾ عمرڪوٽ ۾ اي بي آريسر جي پيءَ جي زمين تي قبضو، وفاقي وزير فواد چوڌري جو اينڪر مبشر لقمان کي ٿڦڙ، اظهارالحق جي گرفتاري، لياقت عباسي مٿان تشدد، صحافي فقير سليم سان گورنر جي گارڊن جي بدتميزي، نور احمد، محراب آفريدي کي ڌمڪيون، اسرار چانڊيو، شاهد چنا جي گرفتاري، اياز گيلاني، عابد جان جي گرفتاري، گلگت ۾ نگورا جي ڪوريج دوران گرفتاري، افضل عباسي تي تشدد، انيل ڪمار، عبدالله مهر مٿان پوليس تشدد، آفتاب ڪيريو، صفدر ڪلاسرا، عمر سومرو، اظهر ميراڻي، متين اچڪزئي تي قانون لاڳو ڪندڙن جو تشدد، اصغر شر، حاڪم ڀٽي، ظفرالله ڀٽو، سومر سولنگي، مدثر، ابصار عالم تي ڪيس، غلام محمد لاکو، اسد طور، سرمد ڪنراڻي زخمي، اشرف سولنگي، ناصر مزاري، انيس خان، ظهور مگسي ۽ ٻيا شامل آهن
سال 2020 دوران جتي ڪرونا جي وبا سڄي دنيا کي گهيري رکيو اتي پاڪستان ۾ به ڪيئي صحافي ۽ ميڊيا ورڪر ان بيماريءَ جي ور چڙهي ويا، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي آگسٽ ڌاري جاري ڪيل انگن اکرن موجب 43 کان وڌيڪ صحافي ان بيماريءَ جو شڪار رهيا، جڏهن ته ڊسمبر تائين اهو انگ ان کان ٻيڻ ٽيڻ تي رهيو. جڏهن ته مختلف ادارن جي شعبن کي ڪرونا سبب بند پڻ ڪيو ويو. عالمي اداري پريس ايبلم ڪئمپين مطابق ڪرونا سبب دنيا ۾ 489 کان وڌيڪ صحافي فوت ٿيا جڏهن ته پاڪستان ۾ ارشد وحيد چوڌري ۽ طارق محمود سميت ڊزن کن صحافي اجل جو شڪار ٿيا
هڪ طرف صحافي بغير سيفٽي پروٽوڪولس جي صحافت ڪندي ڪرونا جو شڪار ٿيا ته ٻئي طرف مختلف ادارن پاران ڇانٽين جو سلسلو به جاري رهيو، جنهن خلاف صحافتي تنظيمن احتجاج پڻ ڪيو پر ان خلاف قانوني جنگ جو رستو اختيار نه ڪيو ويو
تشدد جا سبب
پاڪستان ۾ صحافين خلاف وڌندڙ تشدد جو هڪ وڏو سبب غير اعلانيه امپيونٽي (سزا جو نه هجڻ) آهي، جنهن موجب صحافين مٿان حملا ڪندڙن کي يقين هوندو آهي ته کين ڪجهه به ٿيندو ۽ معاملو معافي وغيره تي ختم ٿيندو يا ڪيس هلندو ته به کين سزا ڪو نه ايندي. اهو تاثر ان ڪري عام ٿيو آهي جو138 قتل ڪيسن مان صرف پنج واقعن ۾ جوابدارن کي سزا آئي، جڏهن ته رڳو ٻن ڪيسن ۾ سزا تي عمل ٿي سگهيو آهي، باقي حملن ۾ ٺاهه ٿي ويا، ڪيس داخل به نه ٿيا يا وري ڪيس داخل دفتر ٿي ويا. صحافين جي قتل جا ٻه جرڳا پڻ ٿيا
رياست توڙي ميڊيا مالڪ ۽ صحافتي تنظيمون قتل ڪيسن جي عدالتن ۾ پوئواري نٿيون ڪن، جيتوڻيڪ اها ذميواري رياست جي هجي ٿي ته شهرين کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪري پر مختلف حڪومتون ان کان لاتعلق رهيون آهن
اندروني اختلاف
صحافي تنظيمن ۽ صحافين وچ ۾ انا، ذاتي رنجشون ۽ اڳواڻي جي ڊوڙ پڻ هڪ وڏو سبب آهي جنهن ڪري صحافي تشدد جو شڪار ٿين ٿا، مٿين سطح کان هيٺ تائين اختلافن سبب هر ننڍي وڏي شهر ۾ ٻه، 2، ٽي، 3 پريس ڪلب ۽ تنظيمون موجود آهن ۽ انهن مان اڪثريت پاڻ ۾ گڏ ويهڻ بجاءِ ڪامورن، وڏيرن ۽ سياستدانن سان لهه وچڙ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا، هڪڙا گروه اهڙا آهن جيڪي سالن کان پريس ڪلبن ۽ تنظيمن تي قابض آهن ۽ اهي نون صحافين يا سندن مخالفن کي ميمبرشپ به نٿا ڏين، جڏهن ته صحافت ۾ سياستدانن واري ڪلچر پڻ آزاد صحافت کي ڇيهو رسايو آهي. استقبال ڪرائڻ، ذاتي نعرا هڻائڻ، فردن لاءِ گيت ۽ جلسا ڪري ذاتي شوشا ان جو لازمي حصو بنجندا پيا وڃن. اڪثر ڪري اهي خبرون پيون ملنديون آهن ته فلاڻي پريس ڪلب جا عهديدار بنا مقابلي چونڊجي ويا سواِءِ هڪ يا ٻه پريس ڪلبن جي جتي هر سال ووٽ جو عمل ٿئي ٿي. اسلام آباد ۾ پي ايف يو جي اهو نعرو متعارف ڪرايو هو ته “ايڪ پر حملا، سب پر حملا” پر بدقستيءَ سان ان تي عمل نه ٿي سگهيو
صحافت جڏهن کان طاقت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي آهي، تڏهن کان ڪيئي “جڳاڙي” ان پيشي ۾ گهڙي آيا آهن جن جو مقصد صحافت کانسواءِ باقي سڀ ڪجهه هجي ٿو. ايتري قدر جو اڻ پڙهيل، سرڪاري ملازم، ٺيڪيدار ۽ ڪٿي ڪٿي ته ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ٿا ۽ ويب سائيٽن يا آن لائين ميڊيا جي ڀرمار سبب ننڍي عمر جا صحافي به ڪارڊ ڳچيءَ ۾ لڙڪايو وتن ٿا صحافي سڏائيندا. مالڪن پاران ايڊيٽر ٿيڻ سبب پروفيشنل ايڊيٽر نه رهيا آهن، سواءِ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ادارن ۾ مالڪ، سٺا صحافي به آهن پر اڪثريت جو صحافت سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي. پي ايف يو جي جا ٽي ڌڙا، اسلام آباد ۾ چار ۽ هر هنڌ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڌڙا ته آهن ئي آهن ۽ اهي صحافي جي قتل جي حد تائين ته احتجاج ڪندا آهن پر اهو احتجاج گڏيل ناهي هوندو، جيڪا ايڪ پر حملا سب پر حملا نعري جي نفي آهي
تجويزون
رياست/حڪومت تي زور ڀريو وڃي ته اها صحافين تي حملن جي ڪيسن جي پوئواري ڪري، قتل ڪيلن جي وارثن کي وڪيل ڪري ڏيڻ سان گڏ معاوضو پڻ ملڻ گهرجي. صحافين جي ڪيسن لاءِ سرڪار خاص پراسيڪيوٽرز مقرر ڪري ته جيئن ڪيس جلد اڪلائي سگهجن
صحافتي تنظيمن ۾ موجود اختلافن جي خاتمي لاءِ سينئر صحافين تي ٻڌل ڪميشن ٺاهي وڃي، جيڪا سڀني سان ملي پنهنجيون سفارشون ڏئي ۽ انهن تي عمل نه ڪندڙ ڌرين يا فردن کي نيڪالي ڏني وڃي
هر علائقي ۾ صرف هڪ پريس ڪلب هئڻ گهرجي ۽ جڳاڙي پريس ڪلب ٺاهيندڙن خلاف سخت قدم کنيا وڃن ۽ اهي دڪان سيل ٿيڻ گهرجن. ادارا ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ۽ ننڍي عمر جي صحافين کي نيڪالي ڏين. ميڊيا مالڪ مفت ۾ ڪم وٺڻ واري روايت ختم ڪن ڇو ته مفت ۾ ڪم ڪندڙ ڪٿان گذارو ڪندا ۽ اها ڳالهه اصولن درست به ناهي ته ڪنهن کان مفت ۾ پورهيو ڪرايو وڃي
ميڊيا ادارا صحافين جي مڪمل تربيت جو بندوبست ڪن ۽ پوءِ کين فيلڊ ۾ موڪليو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ هر ضلعي سطح تي ٽه ماهي تربيت جو انعقاد ٿئي، ادارا ضلعي رپورٽرن جي تربيت ڪن ۽ پوءِ اهي رپورٽر ضلعي سطح تي تربيت جاري رکن
صحافين جي تحفظ لاءِ اسپيشل قانون متعارف ڪرايا وڃن، صحافين جي بيماري تي ميڊيا ادارا ۽ سرڪار خرچ ڪن، ڊيوٽي دوران موت جي صورت ۾ وارثن کي سرڪار ۽ ميڊيا ادرا معاوضو ادا ڪن
صحافين مٿان دهشتگرديءَ جي انت واري قانون تحت داخل ڪيسن جي عدالتي جاچ ٿيڻ کپي ۽ غلط ڪيس داخل ڪندڙ پوليس عملدارن کي سخت سزا ملڻ گهرجي. صحافتي ڪم دوران سرڪاري ادارا صحافين کي مدد فراهم ڪن، سائبر قانون (پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيمس ايڪٽ) تحت ڪيس داخل نه ڪيا وڃن. جيڪڏهن ڪا خبر يا اسٽوري غلط آهي ته ادارن پاران ان جي تدارڪ جو بندوبست هئڻ گهرجي ۽ متاثر حملن بجاءِ قانوني رستو اختيار ڪن
ميڊيا ادارا پنهجا سيفٽي پروٽوڪولز تيار ڪن ۽ عوامي شڪايت جي نبيري لاءِ ادارن ۾ خاص ڊيسڪ قائم ڪن. صحافي تنظيمون صحافين تي حملن جي جاچ لاءِ پنهنجيون ڪاميٽيون جوڙين جيڪي حقيقتن تائين پهچن ۽ ڪنهن به صحافي يا ميڊيا اداري تي حملي يا رياستي ڏاڍ خلاف سڀ تنظيمون هڪ ٿي آواز اٿارين ته ڪنهن حد تائين ميڊيا جي آزاديءَ کي يقيني بنائي سگهجي ٿو

About Author

Leave A Reply