نوشهروفيروز:صحافي جو روينيو عملدارن خلاف چندي جا ڊٻا آڏو رکي انوکو احتجاج - Eye News Network

نوشهروفيروز:صحافي جو روينيو عملدارن خلاف چندي جا ڊٻا آڏو رکي انوکو احتجاج

0

نوشهروفيروز(اي این این ایس) سماجي اڳواڻ محمد قاسم اسراڻ روينيو عملدارن جي مبينه زيادتين خلاف چندي جا ڊٻا آڏو رکي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو. چندي جي دٻن تي لکيل ھو ته مختيارڪار، اي سي ۽ تپيدار جو رشوت مان گذارو نه ٿو ٿئي ان ڪري شھري چندو ڏيو. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ٻڌايو ته سندس ذاتي رھائشي جڳھين جا ڪاغذ تپيدار، مختيار ڪار ۽ اي سي نوشهروفيروز ٺاھي ڏيڻ لاءِ تيار ناھي. جنھن ڪري ھن جي جڳھ جا ڪاغذ نه ٿا ٺھي سگھن ۽ ھو سخت پريشان آھي. ھنن چيو ته روينيو عملدار کائنس ڳري رشوت گھري رھيا آھن جيڪا ھو ڀرڻ جي قابل ناھي ان ڪري روينيو عملدارن جي رشوت جي پورائيءَ لاءِ احتجاجن چندو ڪري رھيو آھي. ھن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته روينيو عملدارن جي اھڙي روش جو نوٽيس وٺي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي.

About Author

Leave A Reply