ٺاروشاه ٿاڻي جي لاڪپ ۾ تشدد سبب نوجوان مارجي ويو، وارثن جو احتجاج - Eye News Network

ٺاروشاه ٿاڻي جي لاڪپ ۾ تشدد سبب نوجوان مارجي ويو، وارثن جو احتجاج

0

نوشھرو فيروز(اي اين اين ايس)
نوشھرو فيروز ضلعي جي ٺاروشاھ ٿاڻي تي لاڪ اپ ۾ هڪ جوابدار فوت ٿي ويو آھي۔ پوليس موجب ٺاروشاھ ڀرسان دربيلو جو رهواسي نوجوان اظھر ميمڻ زيڊ ايڪه سوپاري ۾ گرفتار جوابدار جي تشدد ۾ ڪري مرڻينگ ٿي پيو جنهن کي طبي امداد لاء نوشهروفيروز اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو۔
جڏھن ته فوت ٿيل نوجوان اظھر ميمڻ جي والد مظهر ميمڻ بڌايو ته پوليس جي تشدد جي ڪري پٽ لاڪ اپ ۾ فوت ٿيو آھي۔پولس پٽ جي آزادي لاء پئسه گهريا ھئا۔ ھن ٻڌايو ته سندس پٽ تي ڪيس به داخل نه ٿيل ھو۔

About Author

Leave A Reply