مٺياڻي ۾ ھيپاٽائيٽس خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي، 15% ٽيسٽ پازيٽو - Eye News Network

مٺياڻي ۾ ھيپاٽائيٽس خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي، 15% ٽيسٽ پازيٽو

0

نوشھروفيروز(رپورٽ: منظور ملڪ/اي اين اين ايس) مٺياڻي ۾ ٿيليسميا جي مريضن لاءِ رت گڏ ڪرڻ جي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن جو افتتاح ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو ڪيو۔ نوابشاھ کان آيل ٿيليسيميا سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر مجيب الرحمان خاصخيلي ٻڌايو ته 100 کن ماڻھن رت جو عطيو ڏنو۔
جڏھن ته 15 ڄڻن جي ھيپاٽائيٽس ٽيسٽ پازيٽو اچڻ ڪري رت نه ورتو ويو۔

About Author

Leave A Reply