آل سنڌ شهيد بينظير ڀٽو ٽي- 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل شاهه لطيف ڪلب کٽي ورتو - Eye News Network

آل سنڌ شهيد بينظير ڀٽو ٽي- 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل شاهه لطيف ڪلب کٽي ورتو

0

نوشهروفيروز(ای این این ایس) آل سنڌ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل شاهه لطيف ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ڀٽائي ڪرڪيٽ ڪلب نوشهرو فيروز ۾ ٿي گذريو
شاهه لطيف ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 200 رنسون ٺاهيون. مير محمد رند 52، شعيب وڳڻ 51، شاهد آرائين 47 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن ته وسيم ملاح 4 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو
جواب ۾ ڀٽائي ڪرڪيٽ ڪلب 16 اوورن ۾ 112 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. شعيب سولنگي 39، حبيب شيخ 32 رنسون ٺاهي سگهيا. ثناءُالله شاهه، زوهيب لاڙائي ٻه ٻه وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب رهيا. ٽورنامينٽ جي فائنل جو مهمان خاص ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن ريٽائرڊ بلال شاهد رائو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رانديون ثقافت جو حصو آهن ۽ نوجوانن ۾ راندين وسيلي جسماني ورزش به ٿي وڃي ٿي
هن چيو ته ضلعي اندر راندين جا گرائونڊ انتهائي گهٽ آهن ان لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون ۽ سنڌ سرڪار کي گرائونڊن لاءِ لکيو ويندو ته گرائونڊ ٺهرايا وڃن ته جيئن نوجوانن جي راندين واريون سرگرميون وڌي سگهن ۽ ٻارن ۾ ذهني پختگي اچي سگهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز بيماري ۾ مبتلا بهترين رانديگر پير عارف جي علاج لاءِ چيو ته پير عارف جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو ويندو. جڏهن ته رانديگرن کي انعام، ٽرافيون ۽ ايوارڊ پڻ ڏنا ويا

About Author

Leave A Reply