جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تي پولیس تشدد جي مذمت - Eye News Network

جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تي پولیس تشدد جي مذمت

0

نوشھرو فيروز(ای این این ایس)
گرينڊ ھيلٿ الائنس جي اڳواڻ ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي صوبائي صدر خادم حسين مستوئي ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تي پولیس گرديء جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته اسپتال انتظاميا پُرامن مظاھرين مٿان تشدد ڪرائي سرڪار جي ونگار وھي آھي.
ھن چيو ته سڄي سنڌ مسلسل چئن ڏينھن کان سراپا احتجاج آھي سنڌ جون سموريون ننڍيون وڏيون اسپتالون پنھنجي جائز مطالبن لاء بند آھن پر بيحس حڪومت مڃيل مطالبن جو نوٽيفڪيشن ڪڍڻ لاء تيار ناھي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ھيلٿ پروفيشنل الائونس ۽ سروس اسٽڪچر اڃان تائين نه ملي سگهيو آھي ۽ مليل ڪورونا رسڪ الائونس پڻ واپس ورتو ويو آھي.

About Author

Leave A Reply