مٺياڻي:رسڪ الائونس بحاليء لاء ھيلٿ ملازمن پاران او پي ڊيء جو بائيڪاٽ, ڌرڻو - Eye News Network

مٺياڻي:رسڪ الائونس بحاليء لاء ھيلٿ ملازمن پاران او پي ڊيء جو بائيڪاٽ, ڌرڻو

0

مٺياڻي (اي اين اين ايس) گرينڊ ھيلٿ الائينس جي سڏ تي رورل ھيلٿ سينٽر مٺياڻيء جي ملازمن ايم ايس ڊاڪٽر غلام الرسول سولنگي، اختر علي شيخ، روشن علي چنه، جاويد کھو ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ او پي ڊيء جو بائيڪاٽ ڪري رورل ھيلٿ سينٽر مٺياڻيء آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.
ان موقعي تي ھنن ڳالھائيندي چيو ته ڪرونا جھڙي خطرناڪ بيماريء خلاف پھرين صف ۾ بيٺل ھيلٿ عملي جو رسڪ الائونس بند ڪرڻ ناجائزي آھي. ھنن چيو ته ھڪ طرف بيماري لامارا ڏئي رھي آھي ,ان موقعي تي ھيلٿ عملي جا حق ھڙپ ڪرڻ کين مايوس ڪرڻ جي برابر آھي. آخر ۾ ھنن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان فوري طور ھيلٿ کاتي جو رسڪ الائونس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

About Author

Leave A Reply