اسان جي زندگين کي خطرو آھي، پسند جو پرٹو ڪرڻ وارن جی دانھن - Eye News Network

اسان جي زندگين کي خطرو آھي، پسند جو پرٹو ڪرڻ وارن جی دانھن

0

نوشھرو فيروز (رپورٽ: منظور ملڪ) مٺياڻي لڳ ڳوٺ گل محمد مشوري جو رھواسي عبدالغني مشوري ۽ مورو لڳ درس جي رھوسڻ سائره ملڪ پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد ڌمڪيون ملڻ تي پريس ڪلب مٺياڻي پھچي سخت احتجاج ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته 20 جون تي جسٽس آف پيس نوشھرو فيروز جي سامھون پسند جو پرڻو ڪيو آھي۔
جنھن بعد سائره جا عزيز کين مختلف طريقن سان حيسائي رھيا آھن ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن جنھن سبب اسان جي زندگي کي خطرو آھي۔
ھنن ٻڌايو ته بار بار احتجاج ڪري رھيا آھيون پر اسان جي گهرن تي حملا ڪري اسان کي پريشان ڪيو وڃي ٿو۔ ھنن ھڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته اسان سيشن جج نوشھرو فيروز وٽ تحفظ جي درخواست جمع ڪرائي ھئي ان تي تعلقي مورو جي تمام ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي 6 جولائی تی ھڪ آرڊر جاري ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪرڻ جو ھدايت نامون جاري ڪيو آھی پر ان جي باوجود به اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن۔

About Author

Leave A Reply