مٺياڻي: جوابدار ننڊ ستل وڏي ڀاءُ کي ڪهاڙي سان قتل ڪري ڇڏيو - Eye News Network

مٺياڻي: جوابدار ننڊ ستل وڏي ڀاءُ کي ڪهاڙي سان قتل ڪري ڇڏيو

0

نوشھرو فيروز/مٺياڻي(رپورٽ: منظور ملڪ/محسن حسن) مٺياڻي ڀرسان ڳوٺ غازي خان مشوري ۾ گهرو ملڪيت تان ننڍي ڀاءُ طالب مشوري وڏي ڀاءُ راشد عرف ڍولڻ مشوري، جيڪو ننڊ ۾ ستل هو، مٿان مبينه طورڪهاڙين جا وار ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو

جڏهن ته سخت زخمي ٿيل راشد عرف ڍولڻ مشوري کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مٺياڻي اسپتال کڻي آيا جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو
هوڏانهن واقعي کانپوءِ پوليس جاءِ واردات تي پهتي ۽ قتل ۾ ملوث طالب مشوري کي مٺياڻي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو

مٺياڻي پوليس ٻڌايو ته جوابدار ڪرفتا ڪري ورتو آھي ۽ پوسٽ ماتم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ تدفين بعد وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي

About Author

Leave A Reply