ڪراچي: ھٿياربندن ھٿان سب انسپيڪٽر غلام قادر شر شھيد، نوشھروفيروز ۾ تدفین - Eye News Network

ڪراچي: ھٿياربندن ھٿان سب انسپيڪٽر غلام قادر شر شھيد، نوشھروفيروز ۾ تدفین

0

نوشھرو فيروز(ای این این ایس) ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ ھٿياربندن ھٿان سب انسپيڪٽر غلام قادر شر شھيد ٿي ويو۔ اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي ۽ شھيد جي وارثن کي اطلاع ڏنو جنھن بعد وارث پڻ واقعي واري ھنڌ پھتا ۽ شھيد جو لاش اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪاروائي بعد شھيد جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو۔
شھيد غلام قادر شر جي جنازي نماز پوليس اعزاز سان پوليس ھيڊ ڪوارٽر ملير ۾ ادا ڪئي وئي جنھن بعد شھيد جو مڙھ سندس وارث ۽ ڪراچي پوليس اباڻي ڳوٺ محمد عيسي! شر کڻائي آيا جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي۔
جنازي نماز ۾ ايس ايس پي نوشھروفيروز رٽائرڊ ڪيپٽن طارق ولايت، ايس ايس پي نواب شاھ تنوير احمد تنيو، رينجرزعملدارن سميت پوليس جي اعلیٰ عملدارن سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد م شرڪت ڪئي۔
جنازي نماز بعد شھيد غلام قادر جي مڙھ کي جادارو قبرستان م پوليس جي جوانن پاران سلامي بعد مٽي ماء حوالي ڪيو ويو۔
سب انسپيڪٽر غلام قادر شر 28 سالن کان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏني۔
ھن کي 3 پٽن غلام حيدر ثناء الله ۽ نعمت الله ۽ 3 نياڻين جو اولاد آھي

About Author

Leave A Reply