پ ٽ الف نوشھرو فيروز جي چونڊ، سٺيو پينل بنامقابلي ڪامياب:ملازمن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ ميدان عمل ۾ رهنداسين:جوش - Eye News Network

پ ٽ الف نوشھرو فيروز جي چونڊ، سٺيو پينل بنامقابلي ڪامياب:ملازمن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ ميدان عمل ۾ رهنداسين:جوش

0

نوشهرو فيروز(اي اين اين ايس) پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن (پ ٽ الف) سٽي ۽ تعلقه نوشھرو فيروز جي چونڊ ٿي گذري، جنهن ۾ حاجي شفيع محمد سٺيو پينل بنامقابلي ڪامياب ٿي ويو

اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين شاه محمد ٽڳڙ، وائس چیئرمین احمد نوازسومرو، ۽ سٽي اليڪشن چيئرمين گلشير ملڪ، ٻئي پئنل يا اميدوار پاران فارم جمع نه ڪرائڻ تي پئنل جي سڀني اميدوارن تعلقه صدرعبدالجبار جوش پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري فتح ڏاهري، سٽي صدر صحبت قريشي، سٽي جنرل سيڪريٽري حافظ عبدالقدير کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو۔

ان موقعي تي استادن پاران مٺائي ورهائي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏئي خوشي جو اظهار ڪيو ويو
صحافين سان ڳالهائيندي ڪامياب ٿيل عهديدارن جو چوڻ هو ته اسان پ ٽ الف تعلقه نوشھروفيروز جي سڀني دوستن جا شڪرگذار آھيون جنهن اسان کي مان ڏئي بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو آھي

هنن چيو ته اسان يقين ٿا ڏياريون ته پ ٽ الف جي پليٽ فارم تان پنهنجي ملازمن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ ميدان عمل ۾ رهنداسين

About Author

Leave A Reply