مٺياڻي (رپورٽ: محسن حسن/ اي این این ایس) مٺياڻيء ۾ والي بال راند جی ڏھين آل سنڌ سالياني ٽورنامينٽ، خبر موجب مٺياڻيء ۾ ڏھين سالياني آل سنڌ سيد حسنين الحيدر ڪاظمي ۽ سيد ضمير الحسنين حيدر ڪاظميء جي ياد ۾ والي بال ٽورنامينٽ ٿي گذري۔
ٽورنامينٽ ۾ سنڌ جي چئن ضلعن دادو، خيرپور ميرس، ٽنڊوالھيار ۽ نوشھرو فيروز ضلعن جي ٽيمن حصو ورتو۔ ھڪ سال کانپوء ٿيندڙ راند کي ڏسڻ لاء پري پري کان رانديگرن، شوقينن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ ٽيمن ۾ بخاري ڪلب مٺياڻي، سخي انور حسين لغاري ٽنڊوالھيار، مير ڪلب ڌڱاڻو بوزدار ٽنڊو الھيار، شڪيل شيخ ڪرونڊي ۽ ٻين ٽيمن پڻ شرڪت ڪئي۔ مھدي اوينيو پاران ڪرايل راند جا مھمان خاص ناليوارو سماج سڌارڪ لالا حسن پٺاڻ، مولانا مدد علي ملاح، سيد اظھار علي شاھ، عتیق الرحمان قریشی ۽ غلام قمبر مري ھئا۔
جڏھن ته سڄو ڏينھن راند جي دلچسپ مقابلن کانپوء ٻه ٽيمون راند جي فائنل ۾ پھچي سگھيون جن ۾ ھڪ بخاري ڪلب مٺياڻي ۽ ٻي ٽيم انور لغاري ڪلب ٽنڊو الھيار شامل ھیون، رات ٿي وڃڻ سبب ٻنھي ٽيمن ۾ انعام اڌواڌ ورھايو ويو، معزز مھمانن کٽيل ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ روڪ رقم وارا انعام ورھايا۔ سید ندیم شاہ، اسد شاہ، شڪيل شيخ ۽ ٻين بھترین راند جو مظاھرو ڪیو۔