مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي پاران اسپتال ۽ آئي ايڇ ايس خلاف دانھن، وزير صحت کان قدم کڻڻ جي گھر - Eye News Network

مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي پاران اسپتال ۽ آئي ايڇ ايس خلاف دانھن، وزير صحت کان قدم کڻڻ جي گھر

0

مٺياڻي(اي اين اين ايس) مٺياڻي يوٿ ڪاميٽيءَ جي اڳواڻن فياض شيخ، بشير سولنگي، عاقب چانڊيو، نبي بخش ۽ ٻين رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻي انتظاميه ۽ آي ايڇ ايس جي ايڊمن سعيد احمد سولنگي ۽ اختر شيخ جي لڳايل الزامن خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ آء ايڇ ايس جي ايڊمن سعيد سولنگي اسان مٿان الزام ھڻي اين سي ڪٽرائي آھي اسان کي اھيو ٻڌايو وڃي تہ اسان مٺياڻي جي غريب عوام جي لاءِ جيڪڏھن آواز اٿاريون ٿا تہ اسان تي الزام ھنيا پيا وڃن، اسان تي پڻ اھي الزام لڳايا پيا وڃن تہ اسان ھنن کا پيسن جي گهر ڪئي آھي ۽ اھيو بہ چئي رھيا آھن تہ مٺياڻي يوٿ ڪاميٽيءَ جا ڇوڪرا اسان کي حراسان ڪري رھيا آھن۔
اسان مٺياڻي يوٿ ڪاميٽيءَ جا ميمبر انھي ڳالھ جي مذمت ڪيون ٿا۔ انھن وٽ ثبوت آهن تہ پيش ڪيا وڃن۔ هنن اھيو پڻ چيو تہ ڪوڙا الزام هڻندڙ ثبوت ڏين نه ته معافي وٺن ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين۔
اسان ھيلٿ منسٽر ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ء سي ايم سنڌ، ريجنل ڊائريڪٽر چوڌري نثار ء ڊي سي نوشهروفيروز کي گذارش ٿا ڪريون تہ اھڙي ايڊمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Author

Leave A Reply