پورهيت جو پيءُ، ڀائرن ۽ مٺياڻي پوليس خلاف مظاهرو - Eye News Network

پورهيت جو پيءُ، ڀائرن ۽ مٺياڻي پوليس خلاف مظاهرو

0

نوشهروفيروز(رپورٽ: منظور ملڪ/ اي این این ایس) ڳوٺ طالب ڀرٽ جي رهواسي پورهيت محمد دائود ڀرٽ پنهنجي گهرواري مسمات وزيران ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن جي ظلم ۽ مٺياڻي پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي پيءَ محمد هارون ڀرٽ ۽ ڀائر علي اڪبر، علي اصغر، علي گوهر، سڪندر منهنجي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي گهرواريءَ تي وحشياڻو تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي
اهڙي دانهن نوشهروفيروز جي ڊي ايس پي کي ڏني جنهن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مٺياڻي پوليس ڏانهن درخواست مو ڪلي ڏني پري مٺياڻي ٿاڻي جو ايس ايڇ او بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي
هن چيو ته منهنجو پيءَ ۽ ڀائر ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ منهنجي گهرواري ۽ معصوم ٻارڙن کي مارڻ چاهين ٿا ڇاڪاڻ ته مان 15 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو جيڪا ڳالهه منهنجي پيءَ ۽ ڀائرن کي پسند ناهي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏياريو وڃي

About Author

Leave A Reply