سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي جي حمايت ڪرٹ وارن کان وڌيڪ ڌرتيءَ جو نمڪ حرام ڪير بہ نٿو ٿي سگهي: فاطمه شھناز انصاري - Eye News Network

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي جي حمايت ڪرٹ وارن کان وڌيڪ ڌرتيءَ جو نمڪ حرام ڪير بہ نٿو ٿي سگهي: فاطمه شھناز انصاري

0

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ/ای این این ایس)
نيازي حڪومت ڪراچي واري جلسي ۾ عوامي رد عمل ڏسي بوکلائجي وئي آھي، جلد ھن سليڪڊٽ حڪومت ۽ جعلي وزيراعظم مان عوام جي جان آجي ڪرائينداسين.
پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ضلعي جي صدر فاطمه شھناز انصاري چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف پيش ڪيل بل جي مخالفت ڪندي، تحريڪ انصاف سنڌ دشمن جماعت ھجڻ جو واضح ثبوت ڏنو آھي، حليم عادل شيخ ۽ دعا ڀٽو ھر وقت سنڌ سنڌ ڪندا ھئا، جڏھن سنڌ جي بقا ۽ وحدانيت جي لاء پيپلزپارٽي قرارداد پيش ڪ۶ي تہ ھو سنڌ دشمنن سان گڏ بيھي رھيا. جيسيتائين پيپلزپارٽي جو ھڪ بہ ڪارڪن زندہ آھي، سنڌ دشمن قوتن سان وڙھندو رھندو سنڌ جي ٻيٽن سميت سڀني وسيلن جي اسان حفاظت ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي سنڌي سڏائڻ جو ڪو بہ حق ناھي، جيڪو شخص سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي جي حمايت ڪري انکان وڌيڪ ڌرتيءَ جو نمڪ حرام ڪير بہ نٿو ٿي سگهي.

About Author

Leave A Reply