You are at:Home»News»Local»مٺياڻيء ۾ وڪيل جي ٻنيء تي مبینہ قبضو, وڪيل تي تشدد
مٺياڻي (اي اين اين ايس) مٺياڻيء جي وڪيل عبدالله راجپوت جي ٽي ايڪڙ زرعي زمين تي پوکيل ڪمند جو ڪٽيل فصل کڻڻ دوران مبينا طور جوابدارن وڪيل تي تشدد ڪري سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا.
ان سلسلي ۾ وڪيل عبدالله راجپوت صحافين آڏو دانھيندي چيو ته منھنجي ٽي ايڪڙ زرعي زمين تي ڪٽيل ڪمند جوابدارن جاويد، محمد يوسف ۽ محمد حسين ٽيئي پٽ مقبول احمد، بابر علي، طاھر علي ۽ واحد علي ٽيئي پٽ لياقت علي پنھنجن ڪجھ ماڻھن جي مدد سان ھٿيارن جي زور تي زمين تي قبضو ڪري منھنجو ڪٽائي ٿيل ڪمند ٽرئڪٽر ٽرالين جي مدد سان کڻائي ويا آھن.
ھن ٻڌايو ته منھنجي مزاحمت ڪرڻ تي ھنن مون مٿان تشدد ڪري منھنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا آھن ۽ منھنجي ڀائٽي غلام مجتبي کان موبائيل فون کسي ورتي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته مٺياڻي پوليس نه ئي منھنجو ڪيس داخل ڪري ٿي ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿي. آخر ۾ ھن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشھرو فيروز ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي.
About Author