مٺياڻي(اي اين اين)مٺياڻي ۾ سرڪاري کڏ تي قبضي جي ڪوشش بابت خبرن هلڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر نوشھرو فيروز ۽ ايڊمنسٽريٽر عبدالغفور ڌامراه ڪم بند ڪرائي ڇڏيو، جنھن تان پاڻ کي پي پي پي مٺياڻي ٽائون جو صدر ۽ رئيس سڏائيندڙ وقار احمد شيخ ۽ سندس ساٿاري صحافين مٿان مڇرجي پيا آھن ۽ سوشل ميڊيا تي صحافين خلاف نازيبا لفظ ۽ الزام ھنيا پيا وڃن۔
ٻئي پاسي صحافين جو ھنگامي اجلاس ٿيو جنھن ۾ پي پي سنڌ جي صدر ۽ پي پي بينظيرآباد ڊويزن جي صدر ضياء الحسن لنجار کان قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته اھڙا ماڻھو پي پي کي بدنام ڪري رھيا آھن، جن خلاف قدم کنيو وڃي۔
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ترت ئي صحافين جو ھڪ وفد ضياء الحسن لنجار سان ملاقات ڪري شڪايت ڪندو۔