نوشهروفيروز (ای این این) سابقہ ايم پي اي شهيد شهناز انصاري ڪيس جي ٻڌڻي 20 جنوري تائين ملتوي، جوابدارن جا وڪيل غير موجود هجڻ ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي۔
ان موقعي تي ڪيس جي فريادڻ پی پی ليڊيز ونگ جي صدر ڊاڪٽر فاطمه شهناز انصاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، انشاء الله انصاف ضرور ملندو، حوصلا بلند آهن ڪنهن جي به دٻاء ۾ نه اينداسين۔
بار بار جوابدارن جا وڪيل ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڪورٽ ۾ اچي وري گم ٿي وڃن ٿا جيڪا اسان کي ٿڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي امڙ جي خون سان انصاف ضرور ٿيندو، عدالتن مان پر اميد آهيون۔