مورو:چار شاگرد ڪرونا وائرس ۾ مبتلا، هاء اسڪول سیل - Eye News Network

مورو:چار شاگرد ڪرونا وائرس ۾ مبتلا، هاء اسڪول سیل

0

مورو(اختر لغاري/ای این این ایس)
ڪرونا وائرس جي وبائي بيماري سبب گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول جی ڏهين ڪلاس جا چار شاگرد عرفان لنڊ، باسط ڪورائي، ريحان چنا ۽ ذوالفقار لنڊ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا، جن جي ڪرايل ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. شاگردن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ویو آهي.
جڏهن مذڪوره بوائز هاء اسڪول کي هڪ هفتي لاءِ سيل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ڦوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال ٻڌايو ته ڪرونا وائرس جي وبائي بيماري جي ٻي لهر ۾ شدت اچي وئي آهي جنهن ڪري ماڻهن کي گهرجي ته هن وبائي بيماري کان بچاء لاءِ احتياط ڪرڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪن ۽ اسڪولن ۾ ڪرونا وائرس ڦهلجي رهي آهي جنهن ۾ هاء اسڪول جا چار شاگرد ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

About Author

Leave A Reply