مٺياڻي ۾ صحافي جي پٽ کي زخمي ڪندڙ جوابدار جي ضمانت رد، فرار - Eye News Network

مٺياڻي ۾ صحافي جي پٽ کي زخمي ڪندڙ جوابدار جي ضمانت رد، فرار

0

مٺياڻي (اي اين اين) صحافيء جي پٽ کي زخمي ڪندڙ سرڪاري پارٽيء جي اڳواڻ جي ڀاء جي ھاء ڪورٽ به ضمانت رد ڪري ڇڏي, ڏوھ ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم , صحافين پاران اعلي عدليه جي فيصلي جي واکاڻ، ڪيس ۾ گھربل سڀني جوابدارن جي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو. خبر موجب مٺياڻيء جي سينئر صحافي رانا غلام سرور جي 20  سالا نوجوان پٽ علي نواز کي سندن زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڪھاڙيون ۽ لٺيون ھڻي سخت زخمي ڪندڙ سرڪاري پارٽيء جي عھديدار وقار شيخ, سندس ڀاء عاقب شيخ , ٻن نامياري ڏوھارين دودو ۽ نديم چانڊيو , چئن نامعلوم سميت اٺن ڄڻن مٿان مٺياڻي ٿاڻي تي ايف آء آر داخل ھئي , جوابدارن کي سرڪاري پارٽيء جو آشيرواد ھئڻ ڪري پوليس به انھن آڏو بيوس بڻيل ھئي

گذريل ڏينھن سنڌ ھاء ڪورٽ بينچ سکر ۾ جسٽس امجد علي سهتو جي عدالت جوابدار عاقب شيخ جي ضمانت رد ڪندي فوري طور سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويو. واضح رھي ته جوابدار ڌر جو سرڪاري پارٽيء سان ويجھو تعلق ھئڻ ڪري لوڪل انتظاميه سميت ڪير به سندن خلاف قانوني قدم کڻڻ لاء تيار نه ھو.  ھوڏانھن پريس ڪلب مٺياڻي (رجسٽرڊ) جي صحافين جو ھڪ اھم اجلاس صدر صوبدار علي مشوريء جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو , جنھن ۾ صحافين اعلي عدليه جي فيصلي جي واکاڻ ڪندي فيصلي کي صحافيء سان انصاف قرار ڏنو آھي , ٻئي طرف صحافين چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ , ڊي جي رينجرز ۽ آء جي سنڌ پوليس کان فوري طور ايف آء آر ۾ ڄاڻايل سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ صحافي غلام سرور ۽ سندس ڪٽنب کي تحفظ فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي

About Author

Leave A Reply