سنڌ ۾ لساني فساد ڪرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ رھندڙ سڀ پاڻ ۾ متحد آھن، جي ڊي اي اڳواڻ ٻڍل چانڊيو - Eye News Network

سنڌ ۾ لساني فساد ڪرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ رھندڙ سڀ پاڻ ۾ متحد آھن، جي ڊي اي اڳواڻ ٻڍل چانڊيو

0

 مٺياڻي (رپورٽر) سنڌ ۾ ھٿ وٺي لساني فساد ڪرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ رھندڙ سڀ سنڌي, مھاجر، پٺاڻ ۽ پنجابي پاڻ ۾ ڀائر آھن۔ اسان لساني جھيڙا ڪرائي سياست چمڪائيندڙن کي وائکو ڪرڻ چاھيون ٿا۔
اھڙن خيالن جو اظھار جي ڊي اي ضلعي نوشھرو فيروز جي اڳواڻ محمد ٻڍل چانڊيو پريس ڪلب مٺياڻي (رجسٽرڊ) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ,ھن چيو ته جڏھن به اليڪشن ويجھو ايندي آھي ته ايم ڪيو ايم ۽ پي پي پي لساني سياست شروع ڪري عوام کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جون سازشون ڪندا آھن , جنھنڪري ھاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي ۽ اھڙي سياست ڪندڙن کي پڻ عوام رد ڪري ڇڏيو آھي

ھن چيو ته ڪراچي سنڌ آھي ۽ سنڌ ڪراچي آھي , ڪير به اسانکي ڪراچي اچڻ کان روڪي نٿو سگھي , ھن وڌيڪ چيو ته وسيم اختر جھڙا شرپسند ۽ سازشي ماڻھون عوام کي ويڙھايو ۽ ووٽ وٺو جھڙي سياست ڪندا آھن , جيڪي پڻ ھاڻي بي نقاب ٿي چڪا آھن , ھن چيو ته جيڪڏھن ليڊر سڏرائيندڙ اھڙا نفرت انگيز ۽ عوام کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جھڙا بيان ڏيندا ته ان جا عوام ڏانھن ڪھڙا ميسيج ويندا , آخر ۾ ھن سنڌ ۾ رھندڙ مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙن کي پاڻ ۾ امن، پيار ۽ ڀائيچاري سان رھڻ جي اپيل ڪئي آھي۔

About Author

Leave A Reply