You are at:Home»News»National»نئين اڀرندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات
ڪراچي (ای این این) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پاڪستان جي نئين اڀرندڙ فاسٽ بائولر شاهنواز ڏاهاڻي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪندي چيو آهي ته سندس حڪومت نه رڳو کيس پروموٽ ڪندي پر ڪرڪيٽ لاءِ سازگار ماحول پڻ پيدا ڪندي، جنهن سان نئون ٽيلينٽ سامهون ايندو. سنڌ جي وڏي وزير نئين اڀرندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي سندس گهرڀاتين سان گڏ وزيراعليٰ هائوس ۾ چانهه جي دعوت ڏني ۽ کيس ملڪ جي بهتري لاءِ محنت ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت توهان جي ارادن ۽ مقصدن ۾ توهان کي هر ممڪن طريقي سان ترقي وٺرائيندي ته جيئن توهان پنهنجو ڌيان راند ۾ بهتر انداز ڏئي سگهو. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه نوجوان آهن جن کي مناسب سکيا ۽ همٿ افزائي جي ضرورت آهي. مراد علي شاهه چيو ته ان مقصد لاءِ پي ايس ايل لاءِ ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ نوجوان رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته آئون ان تي ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ جلد اسپانسر جي ڳولا ڪندس ۽ اسان جي ٽيم سکر بيسڊ هوندي. مراد علي شاهه، شاهنواز ڏاهاڻي کي چيو ته هوءَ جلد ڪرڪيٽ ميچ منعقد ڪندو ۽ ان (شاهنواز ڏاهاڻي) جهڙي فاسٽ بالر خلاف بيٽنگ ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن تي شاهنواز، خوشگوار موڊ ۾ چيو ته هو مراد علي شاهه جهڙي ٽاپ رانديگر کي آئوٽ نٿو ڪري سگهي. سنڌ جي وڏي وزير شاهنواز ڏاهاڻي کي يقين ڏياريو ته کيس پروموٽ ڪيو ويندو ۽ سندس سمورا مسئلا خوش اسلوبي سان حل ڪيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير، شاهنواز ڏاهاڻي کي شيلڊ، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪندي کيس ڪرڪيٽ ۾ روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
About Author