بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اسلام آباد ڏانهن هڪ وڏو مارچ ڪيو ويندو، عوام حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪندو: ضياءُ الحسن لنجار - Eye News Network

بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اسلام آباد ڏانهن هڪ وڏو مارچ ڪيو ويندو، عوام حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪندو: ضياءُ الحسن لنجار

0

 نوشهروفيروز(ای این این) اڳوڻی صوبائي وزير ۽ پاڪسان پيپلزپارٽي شهيد بينظيرآباد جی ڊويزنل صدر ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته موجوده وفاقی حڪومت عوام جو جيئڻ وارو حق کسڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي۔ عوام بک بيروزگاري سبب سخت پريشان آهي، موجوده ملڪي بحران ۽ عوامي مسئلن جو حل صرف پيپلزپارٽي وٽ ئي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته نئون سال تبديليءَ جو سال آهي موجوده سليڪٽيڊ ۽ ڪٺپتلي وزيراعظم جو گهر وڃڻ جو سال آهي۔ پي پي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اسلام آباد ڏانهن هڪ وڏو مارچ ڪيو ويندو جنهن ۾ لکين عوام شامل ٿي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪندو۔ هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس جو بحران مجوده حڪومت جي نااهلي جو ثبوت آهي نئين سال جي پهرين ڏينهن ئي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري پئٽرول بم ڪيرايو جنهن سان عوام مٿان مهانگائي جو وڏو عذاب نازل ٿيو آهي مقامي سياست تي ڳالهائيندي ضياءُالحسن لنجار چيو ته پ پ سنڌ جي عوام جي هميشہ خدمت ڪندي کين روزگار ڏنو آهي تنهنڪري عوام بار بار پيپلزپارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي۔

About Author

Leave A Reply