You are at:Home»News»Local»نوشهروفيروز مان پنجون درجو پڙھندڙ ھندو نينگري اغوا
نوشهروفيروز(ای این این) ڳوٺ خير محمد ٻوھيو مان پنجون درجو پڙھندڙ 13 سالن جي نينگري ڀاڳڀري باگڙي جي اغوا خلاف نينگري جي مائٽن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي نينگري جي والد سيوا رام ۽ چڱي مڙس راڻو باگڙي ۽ ٻين چيو ته پاڙي ۾ رھندڙ غلام مرتضي مستوئي نينگري کي اغوا ڪري کڻي ويو آھي ۽ آزاد ڪرڻ لاءِ پنج لک ڀنگ طلب ڪيو پر ھو غريب آھن ۽ پئسا نه ڏئي سگھيا ته ڄاڻايل شخص نينگري کي غائب ڪري ڇڏيو آھي ۽ جنھن مان اسان کي خدشو آهي ته نينگري مٿان تشدد ڪري نينگري کي قتل ڪيو ويو آھي.
ھنن چيو ته پوليس به اسان غريبن جو فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي جنھن ڪري ھو سخت پريشان آهن. ھنن چيو ته اسان جي نياڻي کي ظاھر ڪيو وڃي ۽ جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي
About Author