سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران عوامي رابطا مهم جو اعلان - Eye News Network

سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران عوامي رابطا مهم جو اعلان

0

 ڪراچي (ای این این) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جی اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بحريا ٽائون ۽ ٻين ميگا رهائشي رٿائن خلاف ”عوامي رابطا مهم“ ٻيهر 28 آگسٽ کان شروع ڪئي ويندي ۽ مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ۽ جلسا ڪيا ويندا. جنهن موجب 28 آگسٽ تي ٽنڊو آدم، سانگهڙ، شهدادپور ۽ سنجهورو، 29 آگسٽ تي دوڙ، ٻانڌي، قاضي احمد ۽ سڪرنڊ ۽ 30 آگسٽ تي دولتپور، نواب ولي محمد، شاهپور جهانيان ۽ مورو ۾ جلسو ڪيو ويندو. جڏهن ته مرڪزي ڊويزنل جلسو 5 سيپٽمر تي نوابشاهه ۾ ڪيو ويندو. اجلاس۾ بحريا ڌرڻي جي سلسلي ۾ داخل ڪيسن کي عدالت پاران اينگهائڻ جي نندا ڪندي چيو ويو ته ٻه مهينا گذرڻ باوجود پراسيڪيوشن نه پئي ڪئي وڃي. هي ڪنٽرولڊ جڊيشري آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ڪانسٽيٽيوشنل پٽيشنون نه پئي اڪلائي.

سنڌ حڪومت، پيپلز لائرز فورم ۽ فاروق نائيڪ عدالتن تي اثرانداز ٿي رهيا آهن. سنڌ پوليس به سنڌ حڪومت ۽ ملڪ رياض جي چوڻ تي جانبداري کان ڪم وٺي رهي آهي، جنهن هڪ پاسي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ۽ ٻئي پاسي ڪيسن جي ڪاغذن جي عدالتي پورائي نه ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري ڪيس غيرضروري طور اينگهجي رهيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪيون ٿا ته ان معاملي تي جڊيشل ڪميشن جوڙي ۽ ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن. اسان چئون ٿا ته انصاف ۾ دير انصاف جي قتل برابر آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جي سينيئر جسٽس احمد علي شيخ جي سپريم ڪورٽ ۾ رستي روڪ ڪرڻ سٺي روايت نه آهي. ان مان لساني تعصب ۽ بدديانتي جي بوءِ اچي ٿي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پاران بنگالين جي ڇڏيل پراپرٽين بابت جوڙيل ڪاميٽي کي رد ڪندي چيو ويو ته اهو عمل صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت آھي ۽ پي ٽي آءِ سرڪار ۾ ويٺل ايم ڪيو ايم وارو وفاقي وزير لسانيت ۽ تعصب کان باز اچي. سنڌ جون ملڪيتون ڌارين جي حوالي ڪرڻ جو ڪوبه منصوبو قبول نه ڪنداسين.
اجلاس سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو ذميوار وفاقي حڪومت، ارسا ۽ سنڌ حڪومت کي قرار ڏيندي چيو ته سنڌ جو آبپاشي کاتو ڪرپشن جي ور چڙھيل آهي، جنهن ڪري پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ٿي آهي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين پ پ جي خراب حڪمراني ۽ پنجاب پاران پاڻي تي ڌاڙي سبب آباد نه ٿي سگهي آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پ پ سرڪار سنڌ اندر سياسي مخالفن جي رستا روڪ ڪرائي انهن تي حملا ڪرائڻ وارو عمل رياستي دهشتگردي ۽ فاشزم آهي، جنهن سان سنڌ ۾ خونريزي، گهرو ويڙھه ۽ انتشار جو خطرو آهي. ارباب رحيم تي ٽنڊي محمد خان ڪيل حملي جي مذمت ڪيون ٿا. افغان مسئلي تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي چيو ته گهرو ويڙھ سبب افغان پناهگيرن جي سنڌ ۾ آمد قبول نه ڪئي ويندي. افغان پناهگيرن لاءِ ملڪي سرحدن تي پناهگير ڪئمپون قائم ڪيون وڃن. گڏيل قومون، يورپي يونين، آمريڪا ۽ ٻيون عالمي قوتون افغان مسئلي جو پرامن نبيرو ڪن

About Author

Leave A Reply