مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي جي پاران سالگرھ تقریب، ھاشم کوسو، لالا حسن، نور، اسلم، معراج ۽ بین جو خطاب - Eye News Network

مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي جي پاران سالگرھ تقریب، ھاشم کوسو، لالا حسن، نور، اسلم، معراج ۽ بین جو خطاب

0

 مٺياڻي(اي این این) مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي جي پهرين سالگرھ جي تقریب ملهائي وئي، مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي جي هڪ سال اندر 46 سرگرمين جي مڪمل ڪارڪردگي پيش ڪئي وئي، تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان ڪارڪردگي جو اصلاحي جائزو ورتو ويو

تقريب جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان جاويد علي سهتو ڪئي۔ مولوي بشير احمد سولنگي، عاقب علي چانڊيو، معراج سنڌي،
محمد هاشم کوسو وائس چيئرمين جيئي سنڌ محاذ، ھیومن رائیٹس ڈفینڈر لالا حسن، ڪامريڊ اسلم ڪوريجو ڊويزنل صدر سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، ڪامريڊ حبيب مشوري ايس ٽي پي، مولانا مبين احمد ڀرٽ کے یو آئی، نور راڄپر عوامي ورڪرز پارٽي، ڪامريڊ فرھاد مستوئي ۽ بین خطاب ڪیو۔
پهرين سالگرھ تقریب ۾ مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي جي سمورن ساٿين سميت سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، استادن، شاگردن ۽ شهرين جي شرڪت ڪئی۔
سالگرھ تقریب جو ڪيڪ مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي ۽ سمورن سياسي اڳواڻن جي هٿان ڪٽيو ويو ۽ ماني جو انتظام ڪيو ويو
سمورن اڳواڻن مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي جي سموري ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو

About Author

Leave A Reply