ڪراچي (اي این این) ڪراچي جهاز حادثي کي ھجري ڪيلينڊر مطابق سال مڪمل ٿيڻ باوجود ڪيترا ئي فوتين جا وارث اڄ به معاوضي کان محروم آهن. گذريل سال 28 روزي تي لاهور کان ڪراچي ايندڙ پي آء اي جو جهاز حادثي جو شڪار ٿيو هو. حادثي ۾ جهاز جي عملي سميت 97 مسافر فوت ٿيا، ٻه زخمي ٿيا هئا. حادثي ۾ ڪراچي واسڻ 30 سالن جي نيلم برڪت علي به فوت ٿي، جنهن جي والده کي هڪ سال گذري وڃڻ باوجود معاوضو نه مليو. نيلم برڪت علي جي والده الماس بانو پاران وزيراعظم ۽ صدر کي خط لکي معاوضي جي ادائگي جي اپيل ڪئي وئي آهي. الماس بانو جو چوڻ هو ته پي آء اي معاوضي جي ادائگي عيوض هڪ معاهدي تي صحيح ڪرائڻ ٿي چاهي، جيڪو غيرقانوني معاهدو آهي