سن ڪوٽا تحت منهنجي پٽ کي پٽيوالي جي نوڪري نه ٿي ڏني وڃي: پیرسن جي دانھن - Eye News Network

سن ڪوٽا تحت منهنجي پٽ کي پٽيوالي جي نوڪري نه ٿي ڏني وڃي: پیرسن جي دانھن

0

حيدرآباد(اسٽاف رپوٽر)بابن شاه حيدرآباد جي رهواسي 80سالا پيرسن غلام سرور شاه صحافين آڏو حيسڪو جي اعلیٰ اختيارن خلاف دانهيندي چيو آهي ته آئون واپڊا جو رٽائرڊ ملازم آهيان. 2007 ۾ هيلپر طور ڪم ڪندي رٽائرڊ ٿيو هوس پر 14 سالن جو عرصو گذري وڃڻ جي باوجود به سن ڪوٽا تحت منهنجي پٽ غلام اڪبر شاه کي پٽيوالي جي نوڪري نه ٿي ڏني وڃي. ان لاءِ هو حيسڪو حيدرآباد جي آفيسن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو آهيان

هن چيو ته مون پٽ جي نائب قاصد جي نوڪري لاءِ پهريون ڀيرو 2002۾ حيسڪو جي ايس ڊي او آفيس حسين آباد حيدرآباد ۾درخواست ڏني . جڏنهن ته هائيڊرو ليبر يونين جي اڳواڻ لطيف نظاماڻي کي پڻ درخواست ڏني هئي. ان کان پوءِ هر سال مسلسل درخواست ڏيندو اچان پيو. هن چيو ته گذريل ويهن سالن کان هر نئين ايس ڊي او کي پٽ جي نوڪري لاءِ درخواست ڏيندو آهيان، جتي کيس موٽ ۾ کوکلا دلاسا ڏنا ويندا آهن۔

About Author

Leave A Reply