نوشهروفيروز:صحت کاتي پاران ٻارڙن کي11 خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ لاءِ 24 اپريل کان جاڳرتا مهم ھلائڻ جو اعلان - Eye News Network

نوشهروفيروز:صحت کاتي پاران ٻارڙن کي11 خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ لاءِ 24 اپريل کان جاڳرتا مهم ھلائڻ جو اعلان

0

نوشهروفيروز(اي این این ایس) صحت کاتي پاران ٻارڙن کي11 خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ لاءِ 24 اپريل کان 30 اپريل تائين جاڳرتا مهم ھلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ميڊيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ڪيپٽن (ر) شاھد بلال رائو چيو ته ٻن سالن تائين جي معصوم ٻارڙن کي 11 خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ لاءِ ٽڪا لڳرائڻ لاءِ جاڳرتا مھم ھلائي پئي وڃي. ھن چيو ته ٽڪا تہ سڄو سال لڳايا ويندا آهن پر مھم لاءِ مقصد عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آھي

ھن چيو ته ويڪسينيٽرن جي ھڙتال سبب ضلع جي اسپتالن ۾ خاص سينٽر ۽ عملو مقرر ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته ڪووڊ جو ٽيون مرحلو انتھائي خطرناڪ آهي ان ڪري شھرين تي فرض آهي ته اھي 50 سالن کان مٿي وارن ماڻھن کي ويڪسين ڪرائين جنھن لاء صرف شناختي ڪارڊ سينٽر تي کڻي وڃن ۽ ويڪسين ڪرائين جيئن ھڪ خطرناڪ وبا کي منھن ڏئي سگھجي. ان موقعي تي ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر سڪندر علي ڪلھوڙو اعلان ڪيو ته مليريا کان بچاءُ لاءِ سومر کان سڄي ضلعي ۾ اسپري ڪرايو ويندو. ھن چيو ته ٻارڙن کي 11 بيمارين کان بچاءُ لاءِ ٽڪا لڳرايا وڃن ۽ جتي به ارڙي جي بيماري ھجي صحت کاتي کي اطلاع ڏنو وڃي ته جيئن متاثرن ٻارڙن کي فوري طبي امداد فراهم ڪري سگھجي

About Author

Leave A Reply